نوابشاهه ۾ پوليس عدالتي حڪم تي ڇاپو هڻي ناحق باندي بڻايل 6 ڄڻن کي بازياب ڪرائي ورتو

نوابشاهه ۾ پوليس عدالتي حڪم تي ڇاپو هڻي ناحق باندي بڻايل 6 ڄڻن کي بازياب ڪرائي ورتو، بازياب ٿيل هارين جو چوڻ آهي ته اسان وڏيري جي زمين تي ڪڻڪ جو لابارو ڪرڻ آياهئاسين، اجرت گهرڻ تان وڏيري اسان کي قيد ڪيو.

ڪجھه ڏينهن اڳ ڌرمو ڀيل، عورتن جي ڀلائي واري کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر نسيم حسن مستوئي کي هارين کي بازياب ڪرائڻ جي درخواست ڏني هئي.

جيڪا درخواست ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت ۾ جمع ڪرائي وئي هئي.

پوليس سٺ ميل جي درگاهه هوت فقير وٽ عدالتي حڪم تي ڇاپو هڻي وڏيرو جاني پنجاپي وٽ ناحق باندي بڻايل ڀيل برادري جي 5 عورتن ۽ 3 ٻارڙن سميت 14 ڄڻن کي بازياب ڪرائي ورتو.

بازياب ٿيلن ۾ لاکو، ڀريا، هريا، موهن، مسمات گُبي، ڪندو، مسمات گگنا، مريض، داني، منگل، ڪپال، مسمات کيمي، ڪيول، جيوو، لال جي ۽ ٻيا شامل آهن.

بازياب ٿيل هارين جو چوڻ هو ته اسان وڏيرو جاني پنجابي جي زمين تي ڪڻڪ جو لابارو ڪرڻ آياسين، اجرت گهرڻ تي هن اسان کي قيدي بڻائي ڇڏيو.

ٻئي طرف پوليس بازياب ڪرايل هارين کي ڊسٽرڪٽ ايند سيشن جج جي عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي عدالت بازياب ٿيل هارين کي پنهنجي مرضي مطابق زندگي گذارڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*