ميرپور بٺورو ۾ برسات کانپوءِ مختلف علائقن ۾ پاڻي بيهجڻ بعد ٽائون انتظاميا جي پت وائکي ٿي وئي

ميرپور بٺورو ۾ برسات کانپوءِ مختلف علائقن ۾ پاڻي بيهجڻ بعد ٽائون انتظاميا جي پت وائکي ٿي وئي، رهواسين ٽائون ڪميٽي انتظاميا خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.

رات ميرپوربٺورو شهر ۾ پيل اڌ ڪلاڪ جي برسات ٽائون ڪاميٽي انتظاميا جي پت وائکي ڪري ڇڏي.

برسات سبب ميرپوربٺورو شهر جي مک بازار شاھي بازار ۾ برساتي پاڻي تلاءُ جي صورت۾ بيھي ويو، پر ان باوجود انتظاميا برساتي پاڻي نيڪال نه ڪيو.

دڪاندارن پنهنجي مدد پاڻ تحت پاڻي نيڪال ڪرائڻ وارو عمل شروع ڪري ڇڏيو.

ٻئي طفرف ذوالفقار شورائي، اويس کٽي ۽ حيدر ٺاراڻي جي اڳواڻي ۾ ٽائون ڪميٽي انتظاميا خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري برساتي پاڻي نيڪال ڪرايو جا نعرا هنيا ويا.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ دڪاندارن ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته ٽائون ڪاميٽي جي ٽائون آفيسرن ۽ ڪائونسلرن جي نااهلي جي ڪري سمورو شهر تباهه ٿي چڪو آهي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*