ڪرڪيٽ جي سڀ کان وڏي مقابلي ڪرڪيٽ ورلڊڪپ لاءِ پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم جو اعلان اڄ ڪيو ويندو

ڪرڪيٽ جي سڀ کان وڏي مقابلي ڪرڪيٽ ورلڊڪپ لاءِ پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم جو اعلان اڄ ڪيو ويندو.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڪرڪيٽ ورلڊڪپ لاءِ قومي ٽيم جو اعلان اڄ ڪيو ويندو.

ڪرڪيٽ ورلڊڪپ لاءِ شروعاتي 23رانديگرن جي فٽنس ٽيسٽ 15اپريل تي ورتي وئي هئي،جنهن ۾ مڪمل طور تي فٽ رانديگرن کي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويندو.

مڊل آرڊر بيٽنگ ۾ بابر اعظم، شعيب ملڪ، محمدحفيظ، حارث سهيل ۽ ڪپتان سرفراز احمد شامل آهن.

آلرائونڊرز ۾عماد وسيم ۽ شاداب خان آهن،جڏهن ته پنج فاسٽ بالرز ۾ محمد عامر،حسن علي، شاهين شاهه آفريدي،فهيم اشرف ۽ محمد حسنين شامل ٿي سگهن ٿا.

15رڪني اسڪواڊ سان گڏ ٻه اضافي رانديگر به پڻ ويندا،جنهن ۾ آصف علي، عثمان شنواري ۽جنيد خان مان ڪي به ٻه رانديگرن ٿي سهگن ٿا.

—————————-

ايراني عورت باڪسر صدف خادم پنهجي مٿان ڪيس داخل ٿيڻ بعد وطن واپس نه وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ايران سان تعلق رکندڙ عورت باڪسر صدف خادم ملڪ پاران انٽرنيشنل باڪسنگ ميچ کيڏڻ جو اعزاز حاصل ڪيوآهي.

تازو صدف خادم هڪ فائيٽ ۾ فرانسيسي باڪسر ايني چائون کي شڪست ڏئي ڪاميابي حاصل ڪئي.

صدف خادم کي هلندڙ هفتي پنهنجي فرانسيسي ٽرينر سان گڏ ايران جي گادي واري شهر تهران واپس وڃڻو هو.

صدف خادم جو چوڻ آهي سندس گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن، جنهن سبب هوءِ هاڻي تهران نه ويندي.

صدف جي اهڙي بيان بابت چيو پيو وڃي ته هن ايونٽ ۾ جيڪو لباس پهريو اهو ملڪ جي قانون جي خلاف آهي.

هڪ اخبار کي انٽرويو ڏيندي صدف چيو ته هوءِ هڪ اهڙي ميچ کيڏي رهي هئي،جنهن جي قانوني طور تي اجازت ڏني وئي هئي، پر سندس ڪپڙا ۽ مرد ڪوچ ماڻهن کي پسند نه آيو.

فرانس جي شهر رويان ۾ منعقد ٿيل فائيٽ ۾ صدف ايراني جهنڊي ۾ موجود رنگن جا ڪپڙا پهريل هئا، جنهن ۾ سائي رنگ جي شرٽ، ڳاڙهي رنگ جو شارٽس ۽ چيلهه ۾ اڇي رنگ جي پٽي ٻڌل هئي.

ايران جي قانون مطابق عورتن ۽ 9سالن کان مٿي جي ڇوڪرين جڏهن ته گهر کان ٻاهر بغير اسڪارف نڪتيون ته کين ڏهه ڏينهن کان ٻه مهينا قيد جي سزا يا روڪ رقم ڏنڍ ادا ڪرڻو پوندو.

ايراني رانديگرياڻي لاءِدنيا جي مختلف ملڪن ۾ منعقد ٿيندڙ ايونٽس ۾ شرڪت ڪندڙ عورتن لاءِ وار، ڳلو، ٻانهو ۽ ٽنگن کي ڍڪڻ لازمي آهي.

——————-

انگلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ ورلڊڪپ 2019 لاءِ شروعاتي 15رانديگرن جي نالن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

انگلينڊ نيشنل ڪرڪيٽ سليڪٽرز ورلڊڪپ لاءِ اين مورگن جي قيادت ۾ 15رڪني ٽيم جو اعلان ڪيو آهي،جنهن ۾ تبديلي جو امڪان آهي.

انگلش سليڪٽرز ورلڊڪپ کان پهرين پاڪستان ۽ انگلينڊ جي وچ ۾ رٿيل پنج ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريز لاءِ 17رڪني ٽيم جو اعلان ڪيو آهي.

ورلڊڪپ لاءِ انگلينڊ جي شروعاتي 15رانديگرن ۾ اين مورگن ڪپتان ،جڏهن ته ٻين رانديگرن ۾ معين علي، جوءِ روٽ، جوز بٽلر، ٽوم ڪرن، جوءِ ڊينلي، اليڪس هيلز، ليام پلنڪٽ، جوني بيئسٽرو، عادل راشد، جيسن روءِ، بين اسٽوڪس، ڊيوڊ ويلي، ڪرس ووڪس ۽ مارڪ ووڊ شامل آهن.

واضح رهي ته ڪرڪيٽ ورلڊڪپ جي افتتاحي ميچز 30 مئي تي ميزبان انگلينڊ ۽ڏکڻ آفريڪا جي ٽيمن وچ۾ رٿيل آهي.

——————-

 سري لنڪن ڪرڪيٽ بورڊ فاسٽ بالر لاسٿ ملنگا کي ڪپتاني تان هٽائي سندس جاءِ تي ڪرونا رنتي کي ڪپتان مقرر ڪري ڇڏيو آهي.

ورلڊڪپ ۾ سري لنڪن ٽيم پنهنجي پهرين ميچ نيوزيلينڊ خلاف پهرين جون تي کيڏندي.

سري لنڪن ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين اسانٿا ڊي ميل جو چوڻ آهي ته ٽيم اندروني مسئلن جي ور چڙهيل آهي.

ورلڊڪپ لاءِ سري لنڪا جي ٽيم جي چونڊ لاءِ اجلاس اڄي ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ لاءِ ٽيم چونڊي ويندي.

——————.

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي ڪرڪيٽ ڪميٽي جي ميمبر وسيم اڪرم بورڊ ۾ هلندڙ سياست تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وسيم اڪرم چيوته پوري دنيا ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ لاءِ پنهنجي پنهنجي ٽيمن جو اعلان ڪرڻ ۾مصروف آهن ته ٻئي طرف پي سي بي ۾ تماشو لڳل آهي.

هن وڌيڪ چيو ته سڄي دنيا جون ٽيمون ورلڊڪپ جي تيارين۾ رڌل آهي ۽ پي سي بي ۾ ماحول ئي ٻيولڳو پيو آهي.

ڪوئٽه ۾ منعقد ٿيل گورننگ بورڊ جي اجلاس تي تبصرو ڪندي اڳوڻي ڪپتان چيو ته اجلاس ۾جيڪو ڪجهه ٿيو ان تي کيس افسوس ٿيو.

اڳوڻي ڪپتان چيوته نئون ايم ڊي وسيم خان نوجوان آهي ۽ کيس هڪ موقعو ضرور ملڻ گهرجي.

وسيم اڪرم چيوته هو ڪرڪيٽ ڪميٽي ۾ شامل آهي، پر ان باوجود کيس ڪجهه به معلوم نه آهي.

——————-

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*