ڀارت ۾ عام چونڊن جي ٻئي مرحلي لاءِ پولنگ عمل جاري آهي، 13 رياستن جي 97 سيٽن تي چونڊن دوران سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا آهن

ڀارت ۾ عام چونڊن جي ٻئي مرحلي لاءِ پولنگ عمل جاري آهي، 13 رياستن جي 97 سيٽن تي چونڊن دوران سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا آهن. والاريل ڪشمير ۾ حريت اڳواڻن جي سڏ تي هڙتال آهي، پولنگ اسٽيشنس به ويران نظر اچي رهيون آهن.

ڀارت ۾ عام چونڊن جي ٻئي مرحلي لاءِ لوڪ سڀا جي 92 سيٽن تي پولنگ عمل جاري آهي

آسام ۾ شهريت کان محروم40 لک شهري ووٽ جو حق استعمال ڪري رهيا آهن، جڏهن ته سيڪيورٽي انتظام به سخت ڪيا ويا آهن.

ڀارتي چونڊن سبب سري نگر ۾ ڪرفيو  لاڳو ڪيو ويو  آهي، جڏهن پولنگ اسٽيشنون به ويران نظر اچي رهيون آهن.

حريت قيادت پاران ڀارتي عام چونڊن جو بائيڪاٽ ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. جنهن سبب ڀارتي قابض انتظاميا طرفان سيڪيورٽي فورسز جي وڌيڪ نفري مقرر  ڪئي وئي آهي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*