پنجاب جي علائقي راجن پور ۾ سڱاورتي تڪرار تان جوابدار ساٿين سان گڏجي فائرنگ ڪري پنهنجي ڀيڻيويي کي قتل ڪري ڇڏيو

پنجاب جي علائقي راجن پور ۾ سڱاورتي تڪرار تان جوابدار ساٿين سان گڏجي فائرنگ ڪري پنهنجي ڀيڻيويي کي قتل ڪري ڇڏيو.

راجنپور ۾ ڪوٽ مٺن ٿاڻي جي حد ۾ جگن دريشڪ پنهنجي چئن هٿياربندن سان گڏجي پنهنجي ڀيڻيويي جاويد دريشڪ کي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو.

اطلاع تي پوليس پهچي مارجي ويل شخص جو لاش اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.

ايس ايڇ او ٿاڻي ڪوٽ مٺن پوليس جي ٽيم جوڙِي، جنهن جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هڻڻ شروع ڪري ڇڏيا…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*