سنڌ جي مختلف شهرن ۾انٽر ميڊيٽ جي امتحانن ۾بدترين بدانتظاميون ۽ ڪاپيءَ جي ڌم متل آهي

سنڌ جي مختلف شهرن ۾انٽر ميڊيٽ جي امتحانن ۾بدترين بدانتظاميون ۽ ڪاپيءَ جي ڌم متل آهي، ڪراچي ۽ ٻين شهرن ۾ وقت کان اڳ واٽس گروپن تي پيپر آئوٽ ٿي ويا.

ڪراچي شهر جي مختلف سينٽرن تي باٽني جو پيپر وقت کان 40 منٽ اڳ آئوٽ ٿي ويو، شاگرد واٽس اپ گروپن ذريعي ڪاپي ڪرڻ ۾ رڌل رهيا.

حيدرآباد ۾ به مختلف امتحاني مرڪزن تي ڪاپي جي ڌم متل رهي.

سکر تعليمي بورڊ جي انتظامن هيٺ يارهين جو انگريزيءَ جو پهريون پرچو ئي وقت کان اڳ آئوٽ ٿي ويو، ڪيترن ئي سينٽرن تي شاگرد ڪاپي ڪندا رهيا.

سانگهڙ، ڀريا سٽي، گڊو، ٺارو شاهه، سن، لکي غلام شاهه، وڳڻ ۽ ٻين شهرن ۾ به امتحاني سينٽرن تي ڪاپي جي ڌم متل رهي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*