ڪشمور لڳ آر ڊي 82 جي پل وٽ هٿياربندن فائرنگ ڪري نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو

ڪشمور لڳ آر ڊي 82 جي پل وٽ هٿياربندن فائرنگ ڪري نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو.

ڳوٺ پيرل کوسو ۾ هٿياربند 40 ورهين جي عاطف کوسي کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ کانپوءِ فرار ٿي ويا.

مقتول نوجوان جي وارثن چيو آهي ته عاطف کوسو صبح جو گهران نڪتو ته ٻنيءَ وٽ هٿياربندن فائرنگ ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو.

هنن وڌيڪ ٻڌايو ته ڪنهن سان دشمني ناهي، نوجوان کي قتل ڪري ساڻن ظلم ڪيو ويو آهي.

پوليس چيو ته مقتول عاطف کوسو مٿان ڪجهه ڏينهن اڳ ڳئون چوري جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو، قتل جو ڪارڻ معلوم ناهي ٿي سگهيو، معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*