لاهور جي احتساب عدالت پيراگان هائوسنگ اسڪينڊل جي ٻڌڻي ڪندي  ن ليگ اڳواڻ خواجا سعد رفيق ۽ سندس ڀاءُ سلمان رفيق جي جوڊيشل ريمانڊ ۾ ٻه مئي تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي

لاهور جي احتساب عدالت پيراگان هائوسنگ اسڪينڊل جي ٻڌڻي ڪندي  ن ليگ اڳواڻ خواجا سعد رفيق ۽ سندس ڀاءُ سلمان رفيق جي جوڊيشل ريمانڊ ۾ ٻه مئي تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي.

احتساب عدالت جي جج نجم الحسن   خواجا ڀائرن خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

عدالت خواجا ڀائرن جي جڊيشل رمانڊ ۾ 2 مئي تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي.

شنوائي دوران خواجا سعد رفيق ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته  پي ٽي آءِ جي سونامي ملڪي ترقي لاءِ تباهي مچائيندڙ ثابت ٿي آهي، اٺن مهينن ۾ پاڪستان کي اٺن سال پوئتي ڌڪيو ويو آهي.

سعد رفيق چيو ته ملڪي معيشت نفرت ۽ انتقام  جي باهه ۾ سڙي رهي آهي.

هن چيو ته حڪمران مخالفن جي آواز کي دٻائڻ گهرن ٿا، هو مخالفن جو سر ڌر کان ڌار ڪرڻ چاهين ٿا.

ن ليگ اڳواڻ چيو ته انتقام سان ڀرپور احتساب  معيشت ۽ جمهوريت کي ٻوڙي ڇڏيندو.

هن چيو ته معاشي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ نفرت کي پاسيرو رکڻو پوندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*