سپريم ڪورٽ  قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف  ۽ وزير اعظم جي اڳوڻي پرنسپل سيڪريٽري فواد حسن فواد  جي ضمانت رد ڪرڻ لاءِ نيب جي اپيل شنوائي لاءِ منظور ڪري ورتي

سپريم ڪورٽ  قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف  ۽ وزير اعظم جي اڳوڻي پرنسپل سيڪريٽري فواد حسن فواد  جي ضمانت رد ڪرڻ لاءِ نيب جي اپيل شنوائي لاءِ منظور ڪري ورتي.

سپريم ڪورٽ جي جسٽس عظمت سعيد شيخ جي سربراهيءَ ۾ ٽه رڪني بينچ نيب جي درخواست کي منظور ڪندي عدالت شهباز شريف ، فواد حسن فواد ۽ ٻين جوابدارن کي نوٽيسز جاري ڪري ڇڏيا آهن.

عدالت سمورن جوابدارن کي ٻه مئي تي پيش ٿيڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.

نيب جي وڪيل  نعيم بخاري  التوا جي درخواست واپس وٺندي چيو ته التوا جي درخواست  ڏيڻ جي باوجود عدالت جي سامهون پيش ٿيو آهيان، مون اڄ ڊاڪٽر کان ملاقات لاءِ وقت ورتو هو.

هن چيو ته سوشل ميڊيا تي منهن جي خلاف غلط خبرون هلايون ويون،انڪري مان ڪيس جي تياري سان گڏ حاضر ٿيو آهيان.

نيب جي وڪيل نعيم بخاري دليل ڏيندي چيو ته ضمانت جي ڪيسن ۾ سپريم ڪورٽ جا واضح فيصلا موجود آهن،عدالت چئي چڪي آهي ته ضمانت جو فيصلو مختصر هجڻ گهرجي.

هن چيو ته شهباز شريف ضمانت ڪيس ۾ غير معمولي  حالتون نه هيون.

جسٽس اعجاز الاحسن معلوم ڪيو ته نعيم بخاري صاحب ، شهباز شريف تي الزام ڪهڙو هو؟

نيب جي وڪيل چيو ته آشيانا هائوسنگ جي لاءِ ٽي هزار مان ٻه هزار ڪينال ايراضي پيراگون کي ڏني وئي،احتساب عدالت ۾ ڪيس هلي رهيو آهي،ثبوت پيش ڪيا پيا وڃن.

بينچ جي سربراهه جسٽس عظمت سعيد چيو ته لڳي ٿو ته توهان کي گهڻي جلدي آهي،ڪٿي توهان کي پشاور ته نه وڃڻو آهي؟

نعيم بخاري جواب ڏنو ته پشاور نه ڊاڪٽر وٽ وڃڻ جي جلدي ناهي.

سپريم ڪورٽ دليل ٻڌڻ کانپوءِ شهباز شريف ۽ فواد حسن فواد جي ضمانت رد ڪرڻ جي درخواست ٻڌڻ لاءِ منظور ڪري ورتي ۽ نوٽيسز جاري ڪري ڇڏيا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*