وڪيلن جي هڙتال سبب سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ نقيب الله قتل ڪيس ۾ اڳوڻي ايس ايس پي ملير رائو انوار ۽ ٻين جي ضمانت رد ڪرڻ بابت درخواست جي ٻڌڻي نه ٿي سگهي

وڪيلن جي هڙتال سبب سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ نقيب الله قتل ڪيس ۾ اڳوڻي ايس ايس پي ملير رائو انوار ۽ ٻين جي ضمانت رد ڪرڻ بابت درخواست جي ٻڌڻي نه ٿي سگهي، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 25 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

ڪراچي ۾ مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل نقيب الله قتل ڪيس ۾ اڳوڻي ايس ايس پي ملير رائو انوار ۽ ٻين جي ضمانت رد ڪرڻ واري درخواست تي ٻڌڻي، رائو انوار پيش ٿيو.

وڪيلن جي هڙتال سبب درخواستگذار جو  وڪيل عدالت ۾ پيش نه  ٿي سگهيو.

عدالت رائو انور ۽ ٻين جي ضمانت واري درخواست جي ٻڌڻي 24 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پيشي جي واپسي رائو انوار جي سيڪيورٽي تي مقرر اهلڪار ن کي وڪيل کي ڌڪا ڏنا، جنهن تي وڪيل  مڇرجي پيو.

وڪيل احتشام چيو ته رائو انوار گورنر ته ناهي جو وڪيلن کي ڌڪا ڏئي رهيا آهيو……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*