پيپلزپارٽي جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته صدارتي نظام لاءِ آئين کي ختم ڪرڻو پوندو آهي

پيپلزپارٽي جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته صدارتي نظام لاءِ آئين کي ختم ڪرڻو پوندو آهي، ان ڪري پاڪستان ۾ ڪڏهن به صدارتي نظام لاڳو نٿو ٿي سگهي، موجوده حڪمران پرويز مشرف جي احتساب جي ڳالهه ڪن ته ٻي ڏينهن حڪومت ختم ٿي ويندي، سکر ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي خورشيد شاهه وڌيڪ چيو ته حڪومت ملڪي معيشت تباهه ڪري ڇڏي آهي، آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ بابت پارليامينٽ کي به اعتماد ۾ ناهي ورتو ويو.

هن چيو ته آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ کي خودڪشي قرار ڏيندڙ پاڻ عالمي اداري کي قرض لاءِ منٿون ڪري رهيا آهن.

خورشيد شاهه چيو ته وفاقي حڪومت پنهنجن واعدن ۽ ڳالهين تي عمل ناهي ڪيو، عوام سان ويساهه گهاتي ڪئي پئي وڃي.

هن چيو ته موجوده حڪومت ملڪ جو ڪٻاڙو ڪري ڇڏيو آهي، ڊالر مهانگو ٿيڻ سبب هر شئي مهانگي ٿي رهي آهي، ملڪ مان سيڙپڪاري ختم ٿي چڪي آهي.

هن وڌيڪ چيو ته موجوده حڪومت ايمنسٽي اسڪيم آڻي ڪاري ناڻي کي بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.

خورِشيد شاهه چيو ته موجوده حڪومت معيشت بهتر ڪرڻ جي اهل ناهي، پيپلزپارٽي معيشت جي بهتري جي ڳالھه ڪئي ته مذاق اڏايو ويو………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*