قاضي احمد ۾4 مھينا اڳ سيوهڻ ڀرسان پراسرار نموني فوت ٿيل ٻن نوجوانن جي قبر ڪشائي ڪري لاش جا جزا حاصل ڪيا ويا

قاضي احمد ۾4 مھينا اڳ سيوهڻ ڀرسان پراسرار نموني فوت ٿيل ٻن نوجوانن جي قبر ڪشائي ڪري لاش جا جزا حاصل ڪيا ويا، نوجوان سيوھڻ کان واپس ايندي پراسرار نموني فوت ٿي ويا هئا، وارثن جي احتجاج بعد ٿيٻاٺ ٿاڻي تي نوجوانن جو قتل ڪيس داخل ڪيو ويوهو.

ڊاڪٽر ارشاد آرائين، پوليس سرجن ڊاڪٽر قطب ميمڻ ، ڊاڪٽر سلطان راڄپر ۽ ڊاڪٽر جاويد تي مشتمل ميڊيڪل بورڊ قبرستان درگاھ حضرت قاضي احمد پهچي پهرين حميد لوھر جي قبر ڪشائي ڪري لاش جا جزا حاصل ڪيا.

 بعد ۾ ساڳئي بورڊ قبرستان فاضل شاھ پهچي ٻئي نوجوان نظير ڀٽو جي قبر ڪشائي ڪري لاش جزا حاصل ڪيا.

جزا حاصل ڪرڻ بعد ٻنهي فوتين جا لاش ٻيهر دفن ڪياويا، ميڊيڪل بورڊ موجب لاشن جا حاصل ڪيل جزا ٽيسٽ لاءِ ليبارٽري موڪليا ويندا.

چار مھينا اڳ مبينا پراسرار نموني فوت ٿيل قاضي احمد واسي ٻن نوجوانن  نظير ڀٽو ۽ حميد لوھر سيوھڻ ۾شادي  جي دعوت ۾ شرڪت بعد واپس قاضي احمدلاءِ روانا ٿيا هئا، بعد ۾ ٻنهي نوجوانن جا لاش لڪي شاھ صدر ڀرسان ريلوي ڪراسنگ پل وٽان ھٿ آيا ھئا.

وارثن کي ٻنهي نوجوانن جي روڊ حادثي ۾ فوت ٿيڻ جو اطلاع ڏنو ويو ھو.

وارثن جي احتجاج بعد ٿيٻاٺ ٿاڻي جي پوليس اڻڄاتل جوابدارن خلاف قتل جو ڪيس داخل هو……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*