وزيراعظم عمران خان، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري،بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال ۽ سڌ سماءَ جي وفاقي وزير  فواد چوڌري ڪوسٽل هاءِ وي تي دهشتگردي  جي واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي

وزيراعظم عمران خان، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري،بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال ۽ سڌ سماءَ جي وفاقي وزير  فواد چوڌري ڪوسٽل هاءِ وي تي دهشتگردي  جي واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.

وزيراعظم عمران خان اورماڙه ويجهو پيش آيل واقعي جي رپورٽ طلب ڪندي چيو آهي ته دهشتگردن کي جلد انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري افسوسناڪ واقعي جي مذمت ڪندي، متاثر خاندانن سان ڏک جو اظهار ڪيو  آهي.

سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري ٽوئٽ ۾ چيو آهي ته دهشتگردي خلاف جنگ اڃا ختم ناهي ٿي، اسان امن لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن.

بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال  واقعي جي مذمت ڪندي چيو ته بزدل دهشتگردن هٿين خالي مسافرن کي بربريت جو نشانو بڻايو.

هن چيو ته امن جا دشمن پنهنجن پرڏيهي آقائن جي اشاري تي پنهنجن ئي ماڻهن جو رت وهائي رهيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*