سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻيلي کاتي جي زمين جي غيرقانوني الاٽمنٽ واري ڪيس ۾ نيب ڊائريڪٽر ۽ جاچ آفيسر کي 23 اپريل تائين تفصيل پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻيلي کاتي جي زمين جي غيرقانوني الاٽمنٽ واري ڪيس ۾ نيب ڊائريڪٽر ۽ جاچ آفيسر کي 23 اپريل تائين تفصيل پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڪردار ڪشي ٿي رهي آهي، سٺو نه ٿو لڳي ته بار بار سينيئر آفيسرن کي طلب ڪيو وڃي، آخر ڪيئن هڪ شخص ٻئي خلاف جاچ ڪري سگهي ٿو، جڏهن سندس خلاف به جاچ هلندڙ هجي؟

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻيلي کاتي جي 3800 ايڪڙ زمين جي غيرقانوني الاٽمنٽ واري ڪيس ۾ چيف ڪنزرويٽو آفيسر اعجاز احمد نظاماڻي جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر ۽ نيب ڊائريڪٽرز عدالت کي الزامن بابت مطئمن نه ڪري سگهيا.

عدالت جاچ آفيسر طرفان جواب نه ملڻ تي نيب ڊائريڪٽر طارق بٽ ۽ حفيظ صديقي کي روسٽرم تي طلب ڪيو.

چيف جسٽس جاچ آفيسر کي مخاطب ٿيندي چيو ته نيب قومي ادارو آهي، ڇو ان جي پٺيان پئجي ويا آهيون.

عدالت چيو ته اڳ به جاچ آفيسر چئي چڪو آهي ته زمين وڪرو نه ٿي آهي، رڳو پاليسي جي ڀڃڪڙي ٿي آهي.

عدالت پڇا ڪئي ته نيب موجب، جن ماڻهن کي زمين ڏني وئي، انهن کي خبر نه هئي ته ڪهڙي زخمين تي پٽاٽا پوکڻا هئا ۽ ڪهڙي زمين تي ٽماٽا، ٻڌايو وڃي ته هن ڪيس ۾ اعجاز نظاماڻي جو ڪهڙو قصور آهي؟

چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته ٻڌايو وڃي ته ان پٺيان ڪهڙو مقصد آهي.

عدالت چيو ته هن ڪيس ۾ شڪايت ڪندڙن ڪير آهي، ڇا ڪو خدائي فوجدار آهي، هن جو پتو ۽ سڃاڻپ ڪارڊ نمبر ڪهڙو آهي، عدالت کي ٻڌايو وڃي.

چيف جسٽس چيو ته حيدرآباد، لاڙڪاڻو، يوسي ۽ ضلعا نه کپن، ڇا ٻن ۾ ان کي ڳولي سگهجي ٿو، اوهان ٽن سالن  دوران هڪ شخص جو جيئڻ جنجال بڻائي رکيو آهي.

چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڪردار ڪشي ٿي رهي آهي، هر شخص جو برادري هوندي آهي، پاڙو هوندو آهي، خيال ڪيو وڃي.

چيف جسٽس چيو ته، نيب آفيسر پاڻ دل تي هٿ رکي  ٻڌائن ته انهن سان اهو ورتاءُ ٿئي، ته انهن کي ڪيئن لڳندو، سٺو نه ٿو لڳي ته بار بار سينيئر آفيسرن کي طلب ڪيو وڃي.

درخواستگذار چيو ته منهنجي خلاف جاچ ڪندڙ نيب آفيسر پير خليق خلفا به جاچ هلي رهي آهي.

جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو ته جنهن خلاف شڪايت هجي هو پاڻ ئي ان خلاف جاچ ڪري، اهو شخص ڪيئن ٻئي ڪنهن جي جاچ ڪري سگهي ٿو.

چيف جسٽس پڇا ڪئي ته ڇا نيب جي اهڙن قدمن جي وضاحت ڪئي آهي، ڪنهن کي خبر ئي نه آهي ته نيب ۾ ڇا ٿي رهيو آهي.

ان موقعي تي جاچ آفيسر ۽ نيب ڊائريڪٽر عدالت کي جواب نه ڏئي سگهيو، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته ٻيلي جي زمين وڪرو ڪئي وئي، ڪجهه رحم ڪيو، پنهنجي ملڪ تي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻيلي کاتي جي زمين جي غيرقانوني الاٽمنٽ واري ڪيس ۾ نيب ڊائريڪٽر ۽ آفيسرن کي 23 اپريل تائين تفصيل پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*