2016 جي آمريڪي چونڊن ۾ روس ۽ ڊونلڊ ٽرمپ وچ ۾ ڪوبه رابطو ثابت نه ٿيو

2016 جي آمريڪي چونڊن ۾ روس ۽ ڊونلڊ ٽرمپ وچ ۾ ڪوبه رابطو ثابت نه ٿيو، اسپيش ڪونسل رابرٽ مُلر چونڊن ۾ روسي مداخلت واريون خبرون غلط هئڻ بابت رپورٽ ڪانگريس ۾ پيش ڪري ڇڏي، ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته چونڊن ۾ مداخلت وارا الزام غلط ثابت ٿيا، هاڻي ڊيمو ڪريٽس جي “گيم اوور” ٿي چڪي آهي.

امريڪا جي صدارتي چونڊن ۾ روسي مداخلت بابت رابرٽ مولر جي 448 صحفن تي ٻڌل تفصيل رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي .

 پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب امريڪا جي 2016 جي صدارتي چونڊن ۾ روس جي مبينا مداخلت جي چاج  بابت رابرٽ مولر جي تفصيلي رپورٽ  جاري ڪئي وئي .

 پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب 22 مهينن کان پوءِ جاري ڪيل جاچ ۾ امريڪي صدر کي به ڏوهي قرار ڏنو ويو آهي، نه ئي بي گناهه قرار ڏنو ويو.

پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب مولر رپورٽ ۾  جير ڊڪشنر ۽ ٽرمپ جونيئر مولر رپورٽ جا مرڪزي ڪردار ٻڌايا پيا وڃن .

 پرڏيهي ميڊيا موجب امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڏوهه ڪيو يا نه؟ آمريڪي صدر جي ڪيترن ئي قدمن تي سوال اٿاريا ويا آهن .

پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب پهريان جاري ڪيل سمري ۾ ٽرمپ تي ڏوهه ثابت نه ڪيو ويو هو،آمريڪي صدر چوي ٿو ته مولر رپورٽ ۾ ڇوٽ ملي وئي آهي.

پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب مولر رپورٽ ٽرمپ رابرٽ مولر جي جاچ تي ڪنٽرول جي ڪوشش ڪئي هئي،ٽرمپ جاچ جي عمل ۽ انصاف جي راهه ۾ مائل ٿيو هو………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*