پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي چيف سليڪٽر انضمام الحق انگلينڊ ۾ رٿيل ڪرڪيٽ ورلڊڪپ 2019جي لاءِ قومي ٽيم جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي چيف سليڪٽر انضمام الحق انگلينڊ ۾ رٿيل ڪرڪيٽ ورلڊڪپ 2019جي لاءِ قومي ٽيم جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي انضام الحق چيو ته پاڪستان ڪپ ۾ به رانديگرن جي پرفارمنس جو جائزو ورتو۽ محمد حفيظ جي ٽيم ۾ شموليت فٽنس سان گڍيل آهي.

انضام الحق ورلڊڪپ جي ٽيم جو اعلان ڪندي چيو ته سرفراز احمدٽيم جي قيادت ڪندو، جڏهن ته ٻين رانديگرن ۾ بابر اعظم، شعيب ملڪ، محمد حفيظ، حارث سهيل، شاداب خان، عماد وسيم، حسن علي، فهيم اشرف، شاهين شاهه آفريدي، جنيد خان، فخرزمان ۽ عابد علي پڻ اسڪواڊ جو حصو آهي.

انضمام الحق چيوته ٻه رانديگر انگلينڊ خلاف رٿيل سيريز کيڏڻ لاءِ ويندا،جنهن ۾ محمد عامر ۽ آصف علي شامل آهن.

قومي ٽيم جي چيف سليڪٽر وڌيڪ چيوته 23مئي تائين ورلڊڪپ ٽيم ۾ تبديلي ڪري سگهجي ٿي ۽ کيس اميد آهي ته ميگا ايونٽ ۾ قومي ٽيم بهتر ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري ڪاميابي ماڻيندي.

——————-

قومي ٽيم جي نالي واري آلرائونڊر محمد حفيظ جو چوڻ آهي ته ڪرڪيٽ ورلڊڪپ جي اسڪواڊ ۾شامل ٿيڻ سندس لاءِ وڏي اعزاز جي ڳالهه آهي.

لاهور ۾ هڪ ٽي وي چينل کي انٽرويو ڏيندي محمد حفيظ چيوته ڪرڪيٽ ورلڊڪپ 2019جي لاءِ ٽيم جو حصو ٿيڻ ڪنهن اعزاز کان گهٽ نه آهي.

محمد حفيظ جو وڌيڪ چوڻ هوته هو ڪيريئر جي سڀ کان وڏي ايونٽ ۾ سٺي ڪارڪردگي جومظاهرو ڪرڻ لاءِ هو بيچين آهي.

قومي ٽيم جي نالي واري آلرائونڊر محمد حفيظ وڌيڪ چيوته هو سمورن ماڻهن جو تمام گهڻو ٿورائتو آهي،جنهن سندس لاءِ نيڪ خوائشن جو اظهار ڪيو آهي.

——————-

گذريل هفتي منعقد ٿيل پاڪستان ڪپ جو ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪندڙ ڪي پي ڪي ٽيم جي ڪپتان سلمان بٽ مٿان 30هزار ڏنڍمڙهيو ويو آهي.

گذريل جمعي تي راولپنڊي ۾ ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويل پاڪستان ڪپ جي فائنل ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان جي ٽيمن وچ۾مقابلي دوران سلو اوور ريٽ ڪرڻ تي سلمان بٽ مٿان 30هزار روپيه ڏنڍ جي مڙهيو ويو آهي.

واضح رهي ته 2010۾ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان سلمان بٽ مٿان انگلينڊ ۾ اسپاٽ فڪسنگ ڪيس ۾ ملوث هجڻ جو الزام ثابت ٿي ٿيڻ تي جيل جي سزا ۽ ڏنڍ مڙهيو ويوهو.

——————-

ڏکڻ آفريڪي بورڊ ڪرڪيٽ ورلڊڪپ 2019جي لاءِ پنهنجي 15رڪني ٽيم جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

ايندڙ مهيني انگلينڊ ۾ رٿيل ڪرڪيٽ ورلڊڪپ ۾ ڏکڻ آفريڪي ٽيم جي قيادت فاف ڊو پليسي ڪندو،جڏهن ته هاشم آملا پڻ ٽيم جو حصو هوندو.

ڪرڪيٽ ورلڊڪپ 2019۾ ڏکڻ آفريڪي ٽيم جي قيادت فاف ڊو پليسي ڪندو،جڏهن ته ٻين رانديگرن ۾ ايڊن مرڪرام، ڪوئنٽن ڊي ڪاڪ، هاشم آملا، رسي وينڊرسن، ڊيوڊ ملر، فلڪوايو، جي پي ڊيومني، ڊيوائن پريٽوريئس، ڊيل اسٽين، ڪاگيسو رباڊا، لنگي نگيڊي،آنرچ نورٽچ، عمران طاهر ۽تبريز شمسي شامل آهن.

هاشم آملا جي گذريل هڪ سال دوران سٺي ڪارڪردگي جومظاهرو نه ڪرڻ سبب سندس سليڪشن مشڪل نظر اچي رهي هئي، پر کيس ورلڊڪپ جي ٽيم جو حصو بڻايو ويو آهي.

——————-

اسپينش ڪلب بارسلونا چيمپئين ليگ جي هڪ اهم ميچ ۾مانچسٽريونائيٽڊ جي ٽيم کي هڪ طرفي مقابلي بعد ٻڙي جي ڀيٽ ۾ٽن گولن تان  شڪست ڏئي ايونٽ کان ٻاهر ڪري ڇڏيو.

اسپين جي شهر نوڪيمپ ۾ جاري ايونٽ جي اهم ميچ بارسلونا جي ٽيم جي سمورن رانديگرن شاندار ڪاڪردگي جومظاهرو ڪندي مخالف ٽيم جي گول پولز تي جارحاڻا حملا ڪري کين کلي کيڏڻ جو موقعو فراهم نه ڪيو.

ايونٽ جي اهم ميچ اسٽار فٽبالر ليونل ميسي شاندار پرفارمنس جومظاهرو ڪندي ٻه گول اسڪور ڪري ٽيم جي فتح ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

چيمپيئن ليگ جي اهم ميچ کي ڏسڻ لاءِ تماشائين جو هڪ وڏو انگ اسٽيڊيم ۾ موجود هو، جن بهترين ڪارڪردگي جومظاهرو ڪرڻ تي باسلونا جي رانديگرن کي ڀرپور داد ڏنو.

——————-

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*