سپريم ڪورٽ اورنج لائين ميٽرو ٽرين پراجيڪٽ ڪيس  ۾ ٽن ڪمپنين کان هڪ هڪ ڪروڙ رپين جي گارنٽي گهري ورتي آهي

سپريم ڪورٽ اورنج لائين ميٽرو ٽرين پراجيڪٽ ڪيس  ۾ ٽن ڪمپنين کان هڪ هڪ ڪروڙ رپين جي گارنٽي گهري ورتي آهي.

جسٽس گلزار احمد جِي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جِي 2 رڪني بينچ اورنج لائن ميٽرو ٽرين منصوبي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻيءَ دوران جسٽس گلزار احمد حڪم ڏنو ته 20 مئي تائين پراجيڪٽ جو ڪم مڪمل نه ٿيو ته گارنٽي ضبط ڪئي ويندي.

 عدالت پاران جسٽس رٽائرد جمشيد ۽ جسٽس عبدالستار اصغر مان ڪنهن هڪ  جي سربراهي ۾ ٽيڪنيڪل ڪميٽي جوڙڻ جي به هدايت ڪئي.

جسٽس گلزار احمد پراجيڪٽ ڊائريڪٽر فضل حليم تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته پراجيڪٽ ڊائريڪٽر جي ڪري ڪم دير جو شڪار ٿي رهيو آهي، ٺيڪيدار کي ڪم ناهي ڪرڻو ته کيس کڻي اڇلائي ڇڏيو يا جيل ۾ وجهي ڇڏيو.

جسٽس گلزار ريمارڪس ڏنا ته پروجيڪٽ ڊائريڪٽر تعميري ڪمپنين کان بليڪ ميل ٿي رهيو آهي،ٽئي ڪمپنيون هڪ ارب رپين جي گارنٽي ڏين ۽ ڏنل تاريخ تي ڪم مڪمل نه ٿيو ته ڪمپنين جي گارنٽي ضبط ڪئي ويندي.

تعميراتي ڪمپني جي وڪيل نعيم بخاري چيو ته سندس مئوڪل هڪ ارب رپين جي گارنٽي نٿا ڏئي سگهن، توهان ڀَلي سندس مئوڪل کي جيل موڪلي ڇڏيو.

نعيم بخاري چيو ته سندس مئوڪل اڳ ئي 2 ارب رپين جي گارنٽي ڏئي چڪا آهن ۽ ڏيڍ ارب رپين جون انهن ڏانهن رهتون  به آهن.

عدالت، ڌرين کان هڪ ڪروڙ رپين جي گارنٽي طلب ڪندي ٻڌڻي ٻن هفتن تائين ملتوي ڪري ڇڏي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*