نئين مقرر ڪيل برگيڊيئر رٽائرڊ  اعجاز شاهه گهرو  وزارت جي چارج سنڀالي ورتي آهي

نئين مقرر ڪيل برگيڊيئر رٽائرڊ  اعجاز شاهه گهرو  وزارت جي چارج سنڀالي ورتي آهي.

اعجاز شاهه اڄ صبح جو ساڍي نائين وڳي سيڪريٽريٽ جي آر بلاڪ ۾ گهرو وزارت جي آفيس پهتو،جتي هن پنهنجون ذميواريون سنڀالي ورتيون آهن.

گهرو وزارت جو قلمدان سنڀالڻ کان اڳ حڪومت اعجاز شاهه کي پارلياماني  معاملن جي وزير طور نامزدڪيو هو،جنهن تي پ پ پاران سخت تنقيد ڪئي وئي.

وزيراعظم عمران خان ڪابينا  ۾ گذريل ڏينهن وڏي پئماني تي تبديليون ڪيون هيون.

وزير اعظم گهرو معاملن جي مملڪتي وزير شهريار آفريدي کي عهدي تان هٽائي، وزارت جو قلمدان اعجاز شاهه جي حوالي ڪري ڇڏيوهو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*