مڪران ڪوسٽل ھاءِ وي تي گذريل ڏينهن دهشتگردن هٿان شھيد ڪيل نوشھرو فيروز واسي ڪوسٽ گارڊ اهلڪار ذوالفقار مري جو مڙھ سندس اباڻي ڳوٺ ۾جنازي نماز بعد سرڪاري اعزاز سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو

مڪران ڪوسٽل ھاءِ وي تي گذريل ڏينهن دهشتگردن هٿان شھيد ڪيل نوشھرو فيروز واسي ڪوسٽ گارڊ اهلڪار ذوالفقار مري جو مڙھ سندس اباڻي ڳوٺ ۾جنازي نماز بعد سرڪاري اعزاز سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، جنازي نماز ۾ ڪوسٽ گارڊ جي آفيسرن، شهرين ۽ مٽن مائٽن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.

مڪران ڪوسٽل ھاءِ وي تي دهشتگردن هٿان بسن کي روڪي شهيد ڪيل 14 ڄڻن مان شهيد دوالفقار مري جو مڙهه نوشھري فيروز جي علائقي نانگو شاھ ڀرسان  سندس اباڻي ڳوٺ پٺاڻ مري ۾ آندو ويو، جتي جنازي نماز ادا ڪرڻ کانپوءِ مڙهه کي سلامي ڏئي سرڪاري اعزاز سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.

شھيد سپاھي ذوالفقار مري جي جنازي نماز ۾پاڪستان ڪوسٽل گارڊ جي آفيسرن، شھرين ۽ عزيزن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.

شهيد جي والد مرزا خان موجب شھيد  ذوالفقار مري جي عمر 28 سال هئي، هو 10 سال اڳ ڪوسٽ گارڊ ۾ سپاهي طور ڀرتي ٿيو هو.

شهيد کي هڪ نياڻي ۽ هڪ پٽ جو اولاد آهي، ذوالفقار موڪل وٺي ڳوٺ اچي رهيو هو ته شهيد ٿي ويو……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*