پيرجوڳوٺ  لڳ قومي شاهراهه تي ٻن موٽرسائيڪلز ۾ٽڪر جي نتيجي ۾هڪ نوجوان فوت ۽ 4 زخمي ٿي پيا

   

      پيرجوڳوٺ  لڳ قومي شاهراهه تي ٻن موٽرسائيڪلز ۾ٽڪر جي نتيجي ۾هڪ نوجوان فوت ۽ 4 زخمي ٿي پيا.

پريالوءِ – پيرجوڳوٺ روڊ تي النظير هوٽل اسٽاپ وٽ ٻن تيز رفتار موٽرسائيڪلز ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو.

موٽرسائيڪلز ۾ٽڪر جي نتيجي  ۾ 22 سالن جو  عرفان احمد بڙدي موقعي تي فوت ٿي ويو.

حادثي سبب صدام نوحاڻي، علي خان سولنگي، عبدالصمد کوسو سميت 4 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، جن کي پريالوءِ جي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

اسپتال ۾ داخل ٻن زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*