وزيراعظم عمران خان پارٽي اڳواڻن جو اهم اجلاس اڄ طلب ڪري ورتو

وزيراعظم عمران خان پارٽي اڳواڻن جو اهم اجلاس اڄ طلب ڪري ورتو، ذريعن موجب اجلاس ۾ ملڪي سياسي صورتحال سميت پارٽي معاملن تي غور ويچار ڪيو ويندو.

ذريعن موجب وزيراعظم جي صدارت هيٺ اڄ شام جو 4 وڳي بني گالا ۾ پي ٽي آءِ جو اجلاس ٿيندو جنهن  ۾ ڪي پي، پنجاب ۽ سنڌ جي گورنرز، وزيرن، پارٽي ترجمان ۽ ٻيا اڳواڻ شرڪت ڪندا.

ذريعن موجب اجلاس ۾ ملڪي سياسي صورتحال سميت پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ امڪاني تبديلين بابت صلاح مشورا ڪيا ويندا.

ذريعن موجب پاڪستان تحريڪ انصاف جي اجلاس ۾ حڪومتي پاليسيز ۽ ميڊيا بابت پارٽي جي معاملن تي مشاورت ڪئي ويندي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*