ريلوي جي وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته  نواز شريف،آصف زرداري۽شهباز شريف جو سياسي مستقبل ختم ٿي ويو آهي

ريلوي جي وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته  نواز شريف،آصف زرداري۽شهباز شريف جو سياسي مستقبل ختم ٿي ويو آهي،عمران خان جي حڪومت کي 5 سال پورا ٿيندي ڏسي رهيو آهي.

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي شيخ رشيد چيو ته مون ڪيترن ئي وزيراعظمن سان گڏ ڪم ڪيو ،عمران خان سڀني کان بهتر ڪم ڪري رهيو آهي.

هن چيو ته ڪابينا مان صرف هڪ وزير کي ڪڍيو ويو آهي، اسد عمر ته پاڻ استعيفا ڏني،جنهن تي طوفان کڙو ڪيو ويو آهي.

وفاقي وزير چيو ته جنهن تي نيب جا ڪيسز هوندا،اهي عمران خان کي برداشت نه ڪندا.

هن واضح ڪيو ته عمران خان ، اين آر آو صرف شهباز شريف ئي گهري رهيو آهي.

هڪ سوال جي جواب ۾ شيخ رشيد چيو ته ملڪ سرحدن تي حملن سان نه، پر معيشت تباهه ٿيڻ سان تباهه ٿيندا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*