پرڏيهي وزير  شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اورماڙا واقعي ۾ بلوچ دهشتگرد تنظيمون ملوث آهن

    پرڏيهي وزير  شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اورماڙا واقعي ۾ بلوچ دهشتگرد تنظيمون ملوث آهن،جن جون تربيتي ڪيمپون ايران ۾ آهن،اميد آهي ته ايران دهشتگردن جي خاتمي لاءِ قدم کڻندو، پاڪ ، ايران سرحد تي سيڪيورٽي تار وڇائڻ جو فيصلو به ڪيو آهي.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته اورماڙا واقعي ۾ دهشتگردن ايف سي جي وردي پائي واردات ڪئي.اسان جي سپاهين کي بي دردي سان هٿ ٻڌي ڪري شهيد ڪيو ويو،جنهن تي سموري قوم کي ڪاوڙ آهي.

هن چيو ته بلوچ دهشتگردن جي بي آر ايل اي نالي تنظيم واقعي جي ذميداري قبول ڪئي آهي.

شاهه محمود قريشي چيو ته واقعي پٺيان بلوچ آرگنائيزيشن آهن،جنهن جون  تربيتي ڪيمپون  ايران جي حدن ۾ آهن،جنهن جا ثبوت ايران کي فراهم ڪيا ويا آهن.

پرڏيهي وزير چيو ته ايران کي تربيتي ڪيمپس جي لوڪيشن به ايران کي ٻڌائي آهي ۽ اسان اميد ڪريون ٿا ته ٻئي ملڪ لاڳاپن کي سامهون رکندي ايران ۽ افغانستان انهن تنظيمن جي خلاف ايڪشن وٺندا.

هن چيو ته اسان وٽ فرينزڪ ثبو ت موجود آهن،جيڪي ڏوهارين تائين پهچڻ ۾ مدد ڪندا.

پرڏيهي وزير چيو ته اسان ايران جي هم منصب جواد ظريف سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي، جنهن کي پاڪستاني حڪوت ۽ قوم جي اميدن کان آگاهه ڪيو ويو آهي.

شاهه محمود قريشي ٻڌايو ته پاڪستان ايران سان لڳندڙ 950 ڪلوميٽرن تائين ڦهليل سرحد تي سيڪيورٽي تار وڇائي رهيو آهي، جنهن سان سرحد وڌيڪ محفوظ ٿيندي.

هن چيو ته پاڪ، ايران بارڊر تي فورسز جو گشت وڌايو ويندو ۽ هيلي ڪاپٽر پيٽرولنگ به ڪئي ويندي.

پرڏيهي وزير چيو ته اسان بلوچستان ۾ ماضي جي غلطين کي نه ورجائينداسين، اسان کي ترقي جا رستا کولڻا آهن ۽ ڇڙواڳي جو خاتمو چاهيون ٿا.

هڪ سوال جي جواب ۾ شاهه  محمود قريشي چيو ته حڪومت سائوڌرن ڪمانڊ جو هيڊ ڪوارٽر تربت ۾ منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ڀارت سان لاڳاپن جي حوالي سان پرڏيهي وزير چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ ڳالهين کانسواءِ ڪوبه گس ناهي.هن چيو ته کيس اميد آهي ته 100 ڪروڙ آبادي وارو ملڪ ڳالهين کان منهن موڙي خودڪشي نه ڪندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*