وزيراعظم عمران خان بلوچستان جي هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪوئيٽا پهچي ويو

وزيراعظم عمران خان بلوچستان جي هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪوئيٽا پهچي ويو،جتان هو ٻن ڏينهن جي ياترا تي ايران روانو ٿيندو.

 وزيراعظم ايراني صدر حسن روحاني ۽ ايران جي سپريم ليڊر آيت الله  علي خامنائي سان بلوچستان ۾ 14 ڄڻن جي شهادت ۾ ملوث دهشتگردن کي ايران مان مدد ملڻ وارو معاملو اٿاريندو.

وزيراعظم عمران خان اڄ بلوچستان جي مختصر دوري تي پهچي ويو آهي، جتي هو نيا پاڪستان هائوسنگ پروجيڪٽ جو پيڙهه جو پٿر رکندو.

 وزير اعظم ، ڪوئيٽا جي هزار گنجي واري علائقي ۾ هزارا برادري سان تعزيب جو اظهار ڪندو.

وزير اعظم ڪوئيٽا کان ايران جي شهر مشهد روانو ٿيندو، جتان خصوصي جهاز ذريعي تهران ويندو.

ايران جي دوري تي وزيراعظم عمران خان سان گڏ خاص مددگار ذوالفقار بخاري،رزاق دائود ۽ ٻيا به گڏ هوندا.

وزيراعظم عمران خان مشهد ۾ حصرت امام رضا جي  جي روضي تي حاضري ڀريندو.

وزيراعظم جي اعزاز ۾ تهران ۾ آجياڻو ڏنو ويندو، کيس 22 اپريل تي تهران ۾ گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويندو.

وزيراعظم عمران خان سڀاڻي 22اپريل تي وفد جي صورت ۾ صدر روحاني سان ملاقات ڪري اهم معاهدن تي صحيحون ڪندو.

وزيراعظم عمران خان جي ايران جي صدر حسن روحاني، سپريم ليڊر علي خامنه سان ملاقات ڪندو، جڏهن ته ايراني سيڙپڪارن ۽ واپارين سان پڻ ملاقاتون ڪندو…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*