لاهور جي ڀاٽي گيٽ واري علائقي ۾ 4 ماڙ عمارت ڪرڻ جي نتيجي ۾ فوت ٿيلن جو انگ وڌي 6 ٿي ويو

لاهور جي ڀاٽي گيٽ واري علائقي ۾ 4 ماڙ عمارت ڪرڻ جي نتيجي ۾ فوت ٿيلن جو انگ وڌي 6 ٿي ويو، 4 زخمين کي ميو اسپتال پهچايو ويو.

ميڊيا رپورٽس مطابق  ڀاٽي گيٽ جي علائقي ۾ چار ماڙ عمارت ڪري تباهه ٿي وئي.

سوڙهين گهٽين سبب  ريسڪيو آپريشن  لاءِ عملو وقت تي پهچي نه سگهيو.

شهرين پنهنجي مدد پاڻ تحت امدادي ڪارروائيون ڪيون.ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين آپريشن  کانپوءِ عمارت جو ملبو هٽايو ويو.

عمارت ڪرڻ سبب فوتين جو تعداد 6 ٿي ويو ۽ چئن زخمين جو علاج به جاري آهي.حادثي ۾ فوتين ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*