سريلنڪا جي راڄڌاني ڪولمبو ۾ مختلف هنڌن تي 6 بم ڌماڪن جي نتيجي ۾ 160 عبادت گذار مارجي ويا  ۽  300 زخمي ٿيا آهن

سريلنڪا جي راڄڌاني ڪولمبو ۾ مختلف هنڌن تي 6 بم ڌماڪن جي نتيجي ۾ 160 عبادت گذار مارجي ويا  ۽  300 زخمي ٿيا آهن.

پرڏيهي خابرو ادارن مطابق ڌماڪا مسيحي برادري جي ڏڻ ايسٽر جي تقريبن جي موقعي تي ڪيا ويا.

پوليس مطابق ڌماڪا ٽن گرجاگهرن ۽ ٽن هوٽلز ۾ ڪيا ويا، جنهن سبب ڳرو جاني نقصان ٿيو.

پوليس جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ڌماڪا گرجا گهرن ۽ هوٽلز ۾ ٿيا،جنهن دوران ايسٽر جون تقريبون ٿي رهيون هيون.

ميڊيا رپورٽس مطابق ٻن گرجاگهرن ۾ ٿيل ڪيل حملا آپگهاتي هئا.

خيال رهي ته ڪولمبو ۾ قائم متاثر گرجا گهر سينٽ انتوني شرائن ۽ هوٽلز ۾ پرڏيهي سياحن جو وڏو انگ رهندو آهي.

نيگومبو ۾ قائم گرجاگهر سينٽ سيبسٽين سماجي رابطي جي ويب سائيٽ فيس بوڪ تي انگريزي ۾ جاري ڪيل پيغام ۾ چيو ته اسان جي گرجاگهر ۾ ڌماڪو ٿيو آهي ۽ جيڪڏهن توهان جا گهر ڀاتي هتي موجود آهن، ته انهن جي مدد لاءِ اچو.

ڌماڪن جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيل تصويرن ۾ حملي کانپوءِ گرجاگهرن ۾ ٿيل تباهي جا منظر ڏسي سگهجن ٿا.

ٻئي طرف پاڪستان جي پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل سماجي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پيغام ۾ سريلنڪا ۾ ڪيل ڌماڪن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.

هن وڌيڪ چيو ته حڪومت ۽ ملڪ جو عوام دهشتگردي جي هن سانحي جي موقعي تي سريلنڪا جي حڪومت ۽ عوام سان گڏ آهي.

پاڪستان ۾ انساني حقن جي وفاقي وزير شيرين مزاري به سريلنڪا ۾ ڪيل ڌماڪن جي مذمت ڪئي.

هن جو چوڻ هو ته دهشتگردي کي مات ڏيڻ لاءِ عالمي طور تي هڪ مضبوط حڪمت عملي کي اپنائڻ جي  ضرورت آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*