پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي چيف سليڪٽر انضمام الحق چيو آهي ته شاداب خان جي انگلينڊ خلاف ون ڊ سيريز ۾ٽيم لاءِ دستياب نه هوندو

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي چيف سليڪٽر انضمام الحق چيو آهي ته شاداب خان جي انگلينڊ خلاف ون ڊ سيريز ۾ٽيم لاءِ دستياب نه هوندو، پر سندس علاج انگلينڊ ۾ڪرايوويندو.

لاهور ۾ميڊيا سان ڳالهائيندي چيف سليڪٽر انضمام الحق چيو ته شاداب خان جي رت ۾ وائرس ظاهر ٿيو آهي.

هن چيو ته قومي ٽيم جو نوجوان ليگ اسپنر شاداب خان ٽيم جو اهم رانديگر آهي.

قومي چيف سليڪٽر وڌيڪ چيوته ليگ اسپنر انگلينڊ  خلاف ون ڊي سيريز ۾ ٽيم جو حصو نه هوندو،پر هو گهڻو پراميد آهي ته ڪرڪيٽ ورلڊڪپ ۾ ٽيم جي نمائندگي ڪندو، ڇاڪاڻ جو ميگا ايونٽ ۾ اڃا ڇهه هفته باقي آهن.

اڳوڻي ڪپتان ۽ موجوده چيف سليڪٽر وڌيڪ چيوته شاداب خان جو انگلينڊ خلاف ون ڊي سيريز نه کيڏڻ ٽيم لاءِ بدقسمتي آهي،ڇاڪاڻ جو هو ٽيم جو اهم رانديگر آهي.

پي سي بي ترجمان جو چوڻ آهي ته شاداب خان جو علاج انگلينڊ ۾ ڪرايو ويندو ۽ سندس جاءِ تي ڪنهن ٻئي رانديگر کي ٽيم ۾ شامل ڪرڻ جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو.

——————-

آمريڪا سان تعلق رکندڙ باڪسر ڪرافورڊ پاڪستاني ڄائي برطانوي باڪسر عامر خان کي شڪست ڏئي ٽائٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو.

ورلڊ ويلٽر ويٽ بيلٽ جي لاءِ آمريڪي شهر نيويارڪ ۾ ميڊيسن اسڪوائر گارڊن ۾ٻنهي باڪسر وچ ۾ دلچسپ ۽سخت مقابلو ڏسڻ ۾ آيو.

آمريڪي باڪسر ڪرافورڊ پاڪستاني ڄائي برطانوي باڪسر عامر خان کي ڇهين رائونڊ ۾ ٽيڪنيڪل بنيادن تي ناڪ آئوٽ ڪري ڇڏيو.

آمريڪي ڪرافورڊ عامرخان کي شڪست ڏئي ڪيريئر جي 35هين فتح پنهنجي نالي ڪئي.

فائيٽ جي شروع جي ٻن رائونڊز ۾ ڪرافورڊ عامر خان مٿان حاوي رهيو ۽ اسڪور ڪرافورڊ جي حق ۾ 8جي ڀيٽ ۾ 10۽ 9جي ڀيٽ ۾ 10هو.

ٽيئن رائونڊ ۾ عامرخان راند ۾ واپسي ڪئي ۽ رائونڊ 9جي ڀيٽ ۾ 10 پوائنٽس تان کٽي ورتو.

چوٿين رائونڊ ۾ڪرافورڊ هڪ ڀيرا مخالف باڪسر تي حاوي رهيو ۽ چوٿين رائونڊ کي پنهنجي نالي ڪيو.

ٽيرنس ڪرافورڊ عامر خان خلاف ٽيڪنيڪل بينادن تي ڪاميابي حاصل ڪندي ٽائيٽل جو شاندار انداز سان دفاع ڪيو.

ڪرافورڊ ڪيريئر ۾ 35هين فائيٽ ۾ ڪاميابي پنهنجي نالي ڪئي،جڏهن ته عامر خان ڪيريئر جي 33مقابلن ۾ چار ۾شڪست ڏئي کاڌي آهي ۽ 20ڀيرا مخالف کي ناڪ آئوت ڪيو.

فائيٽ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي عامر خان چيوته ڪرافورڊ عظيم باڪسر آهي۽ فائيٽ دلچسپ رهي.

عامر خان وڌيڪ چيوته کيس پيٽ ۽ بيلٽ جي هيٺي حصي ۾ مڪا لڳا،جنهن سبب کيس شديد سور ٿيو.

——————-

ڪرڪيٽ ورلڊڪپ ۽ انگليند جي خلاف ون ڊي سيريز ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي تيارين واري ڪيمپ قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾جاري آهي.

گذريل ڏينهن قومي ٽيم جي سمورن رانديگرن هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر جي نگراني هيٺ ڀرپور ٽريننگ سيشن ۾ شرڪت ڪئي.

ٽريننگ دوران ڪوچنگ اسٽاف رانديگرن کي فزيڪل فٽنس سان گڏ فيلڊنگ جي پريڪٽس ڪرائي.

سيشنز دوران ٽيم جي رانديگرن فزيڪل فٽنس واري مرحلي ۾ سخت محنت ڪئي.

فيلڊنگ پريڪٽس دوران رانديگرن جي ڪارڪردگي ساراهه جوڳي رهي.

انگلينڊ خلاف رٿيل ون ڊي سيريز کيڏڻ لاءِ قومي ڪرڪيٽ ٽيم 23تاريخ تي انگلينڊ رواني ٿيندي.

——————-

قومي ٽيم جي نوجوان آلرائونڊر عماد وسيم جو چوڻ آهي ته ايندڙ مهيني انگلينڊ ۾ رٿيل ڪرڪيٽ ورلڊڪپ جي اسڪواڊ ۾ شامل ٿيڻ تي هو الله جو شڪر ادا ڪري ٿو.

قومي ٽيم جي نوجوان آلرائونڊر عماد وسيم فٽنس مسئلن باوجود قومي اسڪواڊ ۾ شامل ڪرڻ تي سلڪيشن ڪميٽي جي ميمبرن ۽ ڪپتان جو ٿورو مڃيو آهي.

ميڊيا سان ڳالهائيندي عماد وسيم چيوته هو گهڻو پراميد آهي ته ميگا ايونٽ ۾ روائتي حريف ڀارت سميت سمورن ملڪن جي ٽيمن خلاف سٺي ڪارڪردگي جومظاهرو ڪري ٽيم کي ڪاميابي ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.

——————-

پاڪستان اسپيڊ اسٽار روالپنڊ ايڪسپريس شعيب اختر ورلڊڪپ لاءِ پاڪستان اسڪواڊ جي اعلان کي بهتر قرار ڏنو آهي، پرسندس چوڻ آهي ته محمد عامر کي ورلڊڪپ ۾ موقع ملڻ گهرجي.

هن وڊيو پيغام۾شعيب اختر جو چوڻ هوته محمد عامر مٿان ملڪ ۽ قوم جو قرض ۽کيس ٽيم ۾ واپس آڻڻ لاءِ هن ڀرپور ڪوشش ڪئي.

هن وڌيڪ چيوته محمد عامر کي پاڪستان لاءِ ورلڊڪپ ۾ کيڏڻ لاءِ سخت محنت ڪرڻ کپي.

شعيب اختر جو وڌيڪ چوڻ هوته جيڪڏهن ورلڊڪپ اسڪواڊ ۾ محمد عامر شامل نه ٿيو ته کيس ان ڳالهه جو وڏو افسوس ٿيندو.

اڳوڻي اسٽار فاسٽ بالر چيوته محمد عامر کي ڪرڪيٽ ورلڊڪپ ۾ موقعو ملڻ گهرجي هو ٽيم کي ڪاميابي ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.

——————-

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*