سکر ۾ صوفي بزرگ سيد صدر الدين شاهه جي سالياني 740 هين عرس مبارڪ جون ٽئين ڏينهن به تقريبون جاري آهن

سکر ۾ صوفي بزرگ سيد صدر الدين شاهه جي سالياني 740 هين عرس مبارڪ جون ٽئين ڏينهن به تقريبون جاري آهن، زائرين لاءِ طبي ڪئمپ به ڳائي وئي آهي.

سکر ۾ صوفي بزرگ سيد صدر الدين شاهه جي سالياني 740 هين عرس مبارڪ جي حوالي سان ٽئين ڏينهن به تقريبون جاري آهن، جڏهن ته سيڪيورٽي انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا آهن.

عرس تقريبن ۾ شرڪت لاءِ سنڌ سميت سڄي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان عقيدتمندن جي آمد جو سلسلو جاري آهي، جڏهن ته ٿڌي پاڻي جون سبيلون به لڳايون ويون آهن.

عرس مبارڪ جي تقريبن جو اڄ آخري ڏينهن آهي، جنهن ۾ شرڪت لاءِ سڄي ملڪ مان عقيدتمندن ۽ زائرين جا قافلا پهتل آهن.

سنڌ سميت پنجاب بلوچستان مان وڏي تعداد ۾ زائرين مرد عورتون توڙي ٻارڙا پهتل آهن جڏهن ته درگاهه تي قلندري ڌمال پڻ جاري آهي.

درگاھ تي چادر چاڙهي ملڪي سلامتي لاءِ خصوصي دعائون گهريون ويون، جڏهن ته زائرين جي سهولت لاءِ کاڌي پيتي جا اسٽال توڙي سبيلون لڳايون ويون آهن ۽ طبي ڪمپ پڻ لڳائي وئي آهي.

پوليس ۽ رينجرز پاران سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا آهن، جڏهن ته سي سي ٽي وي ڪيمرائون پڻ لڳايون ويون آهن……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*