تحريڪ انصاف جَي سينيئر اڳواڻ جهانگير، ناڻي واري اڳوڻَي وفاقي وزير اسد عمر خلاف هلائي ويندڙ مهم جي مذمت ڪندي چيو آهي ته ڪابينا مان وڃڻ باوجود اسد عمر جو پـِي ٽي آءِ ۾ اهم مقام آهي

تحريڪ انصاف جَي سينيئر اڳواڻ جهانگير، ناڻي واري اڳوڻَي وفاقي وزير اسد عمر خلاف هلائي ويندڙ مهم جي مذمت ڪندي چيو آهي ته ڪابينا مان وڃڻ باوجود اسد عمر جو پـِي ٽي آءِ ۾ اهم مقام آهي.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي هڪ ٽوئٽ ۾ جهانگير ترين اسد عمر خلاف هلائي ويندڙ سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.

هن چيو ته اسد عمر سان گڏجي 8 سال اسٽيس ڪو خلاف جدوجهد ڪئي، سندس خدمتن کي احترام جِي نظر سان ڏسان ٿو.

جهانگير ترين چيو ته ڪابينا مان وڃڻ باوجود اسد عمر جو پي ٽي آءِ ۾ اهم مقام آهي، سندس جدوجهد کي اڄ به احترام جي نظر سان ڏسان ٿو.

جهانگير ترين وڌيڪ چيو ته پارٽي جي قيادت ۽ ڪارڪن به اسد عمر جَي ڪردار کي قدر جي نظر سان ڏسن ٿا……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*