بدين ضلعي ۾ ڪيترن ئي مهينن کان پاڻي جي شديد کوٽ برقرار هئڻ خلاف احتجاج جاري آهي

بدين ضلعي ۾ ڪيترن ئي مهينن کان پاڻي جي شديد کوٽ برقرار هئڻ خلاف احتجاج جاري آهي، آبادگارن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن طرفان اڊوڙي موري کان ٽنڊي باگي تائين پيادل مارچ  جاري.

بدين بچايو ڪميٽي جي سڏ تي آبادگارن، شھرين ۽ سول سوسائٽي  جي نمائندن هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي شاھنواز جمالي، زمان جمالي ۽ سيد خدا ڏنو شاھ جي اڳواڻي ۾ اڊوڙي ٽيل موري کان پيادل مارچ شروع ڪيو.

پاڻي کوٽ خلاف مارچ ۾ شامل پانڌيئڙا  نٽهڻ اُس ۾ 16 ڪلوميٽر پيادل مارچ ڪري شام جو ٽنڊي باگي پهچندو، جتي ڌرڻو هنيو ويندو.

احتجاج ڪندڙ آبادگارن چيو ته سيڊا ڊائريڪٽر مير غلام علي ٽالپر آبادگارن جو پاڻي چوري ڪرائڻ ۾ شامل آهي،جنهن جي ڪري ڪيترن مهينن کان پاڻي نه پهتو آهي.

هنن مطالبو ڪيو آهي سيڊا ڊائريڪٽر کي هٽائي پوڇڙ تائين پاڻي پهچايو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو……………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*