دهشتگردن جي نيٽ ورڪ جو مڪمل خاتمو آندو ويندو، آرمي چيف جنرل راحيل شريف

آرمي چيف جنرل راحيل شريف چيو آهي ته ڪنهن به چئلينج جو مقابلو ڪرڻ ناممڪن نه آهي، دهشتگردن جي نيٽ ورڪ جو مڪمل خاتمو آندو ويندو، آپريشن ۾ ڪاميابين جي ڪري ئي ملڪ ۾ استحڪام ٿيو آهي.

آرمي چيف جنرل راحيل شريف بهاولپور ڪور جو دورو ڪري دهشتگردي جي خاتمي لاءِ فوجي جوانن ۽ آفيسرن جي جذبن جي واکاڻ ڪئي.

ان موقعي تي خطاب ڪندي آرمي چيف جنرل راحيل شريف چيو ته قبائلي علائقن ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن تان ڌيان نه هٽائينداسين.

جنرل راحيل شريف چيو ته فاٽا مان دهشتگردن جو ٻين ملڪن سان رابطو ختم ڪري رهيا آهيون، دهشتگردن جي نيٽ ورڪ جو مڪمل خاتمو ڪيو ويندو.

آرمي چيف چيو ته ملڪ جي اندر ۽ ٻاهر امن قائم ڪرڻ اسان جي پهرين ترجيح آهي، ڪنهن به چئلينج جو مقابلو ڪرڻ ناممڪن نه آهي.

جنرل راحيل شريف جو چوڻ هو ته دهشتگردن خلاف جاري آپريشن ۾ ڪاميابين جي ڪري ئي استحڪام آيو آهي.

هن چيو ته پاڪستان اڳتي وٺي هلنداسين، نوجوان نسل ملڪ جو قيمتي سرمايو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*