ڪنب ۾ ڪي ٽي اين نيوز ۽ روزاني ڪاوش اخبر جي رپورٽر سان ڪيل بدتعميزي خلاف صحافين ۽ سول سوسائٽي جي ماڻهن پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو

ڪنب ۾ ڪي ٽي اين نيوز ۽ روزاني ڪاوش اخبر جي رپورٽر سان ڪيل بدتعميزي خلاف صحافين ۽ سول سوسائٽي جي ماڻهن پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

مريد راڄپر، سانول ڳاهو، نويد تمراڻي، مشتاق شيخ،  شرف الدين تمراڻي، سليم رضا لنڊ، احمد علي تمراڻي،  همٿ علي، احمد علي رند ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب ڪنب کان ريلي ڪڍي وئي، جيڪا مختلف رستن کان ٿيندي شهر جي مک چوڪ وٽ پهتي، جتي ڌرڻو هنيو ويو.

ان موقعي تي صحافين جو چوڻ هو ته ڪنب ٿاڻي ۾ ڪوريج دوران بدمست ايس ايڇ او  ڪوٽڏيجي منشاد ڪلوڙ پاران ڪيل بدتميزي هڪ بزدلاڻو عمل آهي جنهن جي سخت لفظن ۾ مزمت ڪريون ٿا.

هنن آءِ جي سنڌڌ،  ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي خيرپور سميت اعلي اختيارين کان گهر ڪئي آهي ته ڪي ٽي اين نيوز ۽ ڪاوش ڪنب جي رپورٽر نويد تمراڻي سان بدتميزي ڪندڙ ايس ايڇ او خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*