پنجاب ۾ تبديلي وارين خبرن کانپوءِ پنجاب جو گورنر چوڌري سرور سرگرم ٿي ويو

پنجاب ۾ تبديلي وارين خبرن کانپوءِ پنجاب جو گورنر چوڌري سرور سرگرم ٿي ويو، چوڌري سرور وزيراعظم عمران خان ۽ مونس الاهي سان سڀاڻي ملاقات ڪندو.

پنجاب ۾ امڪاني ردوبدل وارين خبرن کانپوءِ پنجاب جو گورنر چوڌري سرور سرگرم ٿي ويو آهي، جڏهن ته اهم ملاقاتن جو امڪان آهي.

ذريعن موجب، چوڌري سرور وزيراعظم عمران خان ۽ ق ليگ اڳواڻ مونس الاهي سان سڀاڻي ملاقات ڪندو.

ذريعن موجب، ملاقات ۾ پنجاب جي سياسي صورتحال تي مشاورت ڪئي ويندي.

واضح رهي ته ميڊيا تي پنجاب ۾ تبديلي جي حوالي سان خبرون گردش ڪري رهيون آهن، جنهن تي وزيراعظم عمران خان گورنر پنجاب چوڌري سرور کي اهم ٽاسڪ ڏنو آهي.

گورنر پنجاب جون گذريل 24 ڪلاڪن دوران پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار ۽ ق ليگ  جي قيادت سان اهم ملاقاتون ٿيون آهن…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*