وفاقي وزير شفقت محمود اڳوڻي ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر جي حمايت ۾ ميدان تي اچي ويو

وفاقي وزير شفقت محمود اڳوڻي ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر جي حمايت ۾ ميدان تي اچي ويو، شفقت محمود چيو آهي ته اسد عمر خلاف هلائي ويندڙ مهم سان ڪو به فرق نه پوندو

وفاقي وزير شفقت محمود به اڳوڻي ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر جي حمايت ۾ ميدان تي اچي ويو آهي.

اڳوڻي ناڻي واري وفاقي وزير  اسد عمر خلاف هلائي ويندڙ مهم جي مذمت ڪندي شفقت محمود چيو ته اسد عمر خلاف هلائي ويندڙ مهم سان فرق نه پوندو.

هن چيو ته، بزدلاڻي مهم سان اسد عمر جو قد ڪاٺ اوچو ٿيندو.

شفقت محمود چيو ته اسد عمر پنهنجي صلاحيتن سبب پارٽي جو اهم اثاثو آهي.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن جهانگير ترين به اسد عمر جي حمايت ۾ ٽوئٽ ڪيو هو………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*