ڪراچي جي علائقي ڪورنگي جي سرڪاري اسپتال ۾ ڏند جي سور جي علاج لاءِ ويل ناري عصمت جوڻيجو کي ڏاڍائي بعد زهر جي انجيڪش هڻي قتل ڪندڙ ڊاڪٽر اڃا گرفتار نه ٿي سگهيو

ڪراچي جي علائقي ڪورنگي جي سرڪاري اسپتال ۾ ڏند جي سور جي علاج لاءِ ويل ناري عصمت جوڻيجو کي ڏاڍائي بعد زهر جي انجيڪش هڻي قتل ڪندڙ ڊاڪٽر اڃا گرفتار نه ٿي سگهيو، پوليس ناري سان ڏاڍائي ڪندڙ اسپتال جي ڪمپائونڊر کي گرفتار ته ڪيو  آهي پر ڪيس ۾ ناري سان ڏاڍائي ۽ قتل جا قلم شامل نه ڪيا ويا آهن.

ڏند جي سور جي علاج لاءِ سنڌ گورنمينٽ اسپتال ڪورنگي پهتل ابراهيم حيدري جي رهواسڻ  نوجوان ناري عصمت جوڻيجو کي اسپتال جي ڪمپائونڊر شاهزيب ۽ سندس ساٿي ٽيڪنيشن ڏاڍائي جو نشانو بڻائي زهر جي انجيڪشن لڳائي قتل ڪري ڇڏيو.

ناري جي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ ڏائي ۽ کيس زهر جي انجيڪشن لڳائي قتل ڪرڻ جي تصديق پڻ ڪئي وئي آهي.

پوليس اسپتال جي ڪمپائونڊر شهزاد ۽ سندس ساٿي ٽيڪنيشن کي گرفتا رڪري ورتو آهي، جڏهن ته عصمت کي زهر جي انجيڪشن لڳائيندڙ ڊاڪٽر اياز فرار ٿي ويو آهي.

ڊاڪٽر اياز کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام پوليس ناري سان ايڏو وڏي ڪلور ڪندڙ جوابدارن خلاف داخل ڪيل ڪيس ۾ لڄالٽ توڙي قتل جا قلم به شامل نه ڪيا آهن.

وحشي جوابدارن جي حوس جو نشانو بڻيل ناري عصمت جوڻيجو جي وارثن سنڌ جي وڏي وزير، آءِ جي سنڌ ۽ چيف جسٽس کان انصاف ڏيارڻ جو مطالبو ڪيو آهي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*