ڪراچي پوليس اورنگي ٽائون ۾ قتل ڪيل  ماءُ ۽ سندس ٻن ٻارڙن جي ڪيس ۾ ناريءَ جي مڙس کي گرفتار ڪري رتو آهي

ڪراچي پوليس اورنگي ٽائون ۾ قتل ڪيل  ماءُ ۽ سندس ٻن ٻارڙن جي ڪيس ۾ ناريءَ جي مڙس کي گرفتار ڪري رتو آهي، پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ ڊاڪٽرن چيو آهي ته   ٻارڙن کي تيز ڌار اوزار سان ڳلو ڪپي قتل ڪيو ويو آهي، جن جي جسم تي  ٻئي هنڌ ڪٿي به ڪنهن  زخم جو نشان موجود ناهي.

اورنگي ٽائون جي گلشن بهار واري علائقي جي هڪ گهر مان عورت ۽ سندس ٻن ٻارڙن جا ڳلا ڪپيل لاش هٿ ڪيا ويا.

لاش جو پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته عورت ۽ ٻن ٻارڙن کي تيز ڌار اوزار سان ڳلي جون رڳون ڪپي قتل ڪيو ويو آهي.

پوليس مقتولا جي مرس کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جنهن کان پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي.

مقتولا جي گرفتار ڪيل مڙس ٻڌايو ته هو برگر وٺڻ ويو ۽ موٽي آيو ته گهر ۾ سندس زال ۽ ٻارن جا لاش پيل هئا…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*