سپريم ڪورٽ ۾ اصغر خان عملدرآمد ڪيس جي ٻڌڻي دوران ايف آءِ اي هڪ ڀيرو ٻيهر ڪيس بند ڪرڻ جي استدعا ڪري ڇڏي

سپريم ڪورٽ ۾ اصغر خان عملدرآمد ڪيس جي ٻڌڻي دوران ايف آءِ اي هڪ ڀيرو ٻيهر ڪيس بند ڪرڻ جي استدعا ڪري ڇڏي، ايف آءِ اي موقف اختيار ڪيو آهي ته ڪيس اڳتي وڌائڻ لاءِ جوڳا ثبوت نه ملي سگهيا آهن، تنهن ڪري ڪيس بند ڪيو وڃي، دفاع واري وزارت به پنهنجي رپورٽ جمع ڪرائيندي چيو آهي ته معاملي جي ڪورٽ آف انڪوائري ڪرائي وئي.

جسٽس عظمت سعيد جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽه رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران بچاءُ واري وزارت سپريم ڪورٽ ۾ اصغر خان ڪيس ۾ پنهنجي رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي.

رپورٽ ۾  چيو ويو ته دفاع واري وزارت طرفان ڪورٽ آف انڪوائري قائم ڪئي وئي آهي، جاچ ۾ 6 شاهدن جو بيان رڪارڊ ڪيو ويندو.

رپورٽ موجب، وڌيڪ شاهدن جي ڳولا ڪرڻ جي به ڪوشش جاري آهي، ڪورٽ آف انڪواري ۾ سمورن شاهدن ۽ سويلين جو جائزو ورتو آهي.

رپورٽ ۾  چيو ويو ته ، معاملي کي منتقمي انجام تائين پهچائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويندي.

ٻئي طرف ٻڌڻي دوران ايف آءِ اي هڪ ڀيرو ٻيهر ڪيس بند ڪرڻ جي استدعا ڪئي.

ايف آءِ اي جواب جمع ڪرائيندي چيو ته بي نامي بينڪ اڪائونٽس جي جاچ سميت ٻين اهم شاهدن جا بيان رڪارڊ ڪيا.

ايف آءِ اي موجب، ايف آءِ جي انڪوائري ٽيم ڪميٽي مجيب الرحمان شامي ۽ حبيب اڪرام نالي صحافي جو انٽرويو به ڪيو آهي.

ايف آءِ اي موجب، ڪيس ۾ وڌيڪ شاهد برگيڊيئر رٽائرڊ حامد سعيد ۽ ايڊووڪيٽ يوسف ميمڻ کان به پڇا ڳاڇا ڪئي وئي پر ڪيس کي اڳتي وڌائڻ ۽ وڌيڪ ٽرائل ڪرڻ لاءِ ثبوت نه ملي سگهيا آهن.

ايف آءِ اي استدعا ڪئي ته، مناسب ثبوت نه ملڻ سبب ڪيس کي ڪنهن به عدالت ۾ هلائڻ ممڪن نه آهي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*