وزيراعظم عمران خان ۽ ايراني صدر حسن روحاني وچ ۾ ملاقات

وزيراعظم عمران خان ۽ ايراني صدر حسن روحاني وچ ۾ ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن سميت خطي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، وزيراعظم عمران خان گارڊ آف آنر به پيش ڪيو ويو.

وزيراعظم عمران خان کي ايران جي صدارتي محل سعدآباد پيلس پهچڻ تي پرجوش استقبال ڪيو ويو ۽ کيس گارڊ آف آنر به پيش ڪيو ويو.

سعدآباد پيلس پهچڻ تي ايراني صدر حسن روحاني وزيراعظم عمران خان جو استقبال ڪيو. جنهن کان پوءِ  ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا وڄايا ويا ۽ وزيراعظم عمران خان گارڊ آف آنر  جو به معائنو ڪيو.

وزيراعظم عمران خان ۽ ايراني صدر حسن روحاني وچ ۾ ملاقات ٿي، جنهن دوران ٻطرفن لاڳاپن سميت خطي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

وزيراعظم عمران خان سان گڏ پاڪستاني وفد ۾ وفاقي وزير شيرين مزاري، علي حيدر زيدي ۽ ٻيا ايران جي دوري تي ساڻس گڏ آهن.

وزيراعظم جي دوري دوران پاڪ ايران واپار وڌائڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي ۽ وفدن جي سطح تي به  ڳالهيون ٿينديون. ايران جي دوري دوران وفدن جي سطح تي ملاقاتون ۽ ڪيترن ئي اهم معاملن تي صحيحون ڪيون وينديون جنهن کان پوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس به ڪئي ويندي.

واضح رهي ته ان کان اڳ گذريل ڏينهن عمران خان ايران  جي مختصر دوري تي ايران جي شهر مشهد پهتو هو جتي ان جو استقبال گورنر جنرل خراسان علي رضا حسين ڪيو هو. ان موقعي تي ايران ۾ پاڪستاني سفير رفعت مسعود ۽ ٻيون اعليٰ اختياريون به موجود هيون….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*