ٺل ڀرسان جوابدار ڪڻڪ جي ديرن کي باهه ڏئي فرار ٿي ويا

ٺل ڀرسان جوابدار ڪڻڪ جي ديرن کي باهه ڏئي فرار ٿي ويا، واقعي خلاف متاثر ڌر احتجاج ڪيو آهي.

ڳوٺ علي بيگ ڪنراڻي ۾جوابدار ڳوٺاڻن جي ڪڻڪ جي ديرن کي باهه ڏئي لکين رپين جو نقصان ڪري فرار ٿي ويا.

متاثرن دانهيندي چيو ته جوابدار ديرن کي باهه ڏئي لکين رپين جي ڪڻڪ ساڙي ويا آهن.

هن چيو ته پوليس کي واقعي جو وقت سر اطلاع ڏنو ويو پر تنهن باوجود جوابدار گرفتار ناهن ڪيا ويا.

متاثرن اعليٰ اختيارين کان معاملي جو نوٽيس وٺي جوابدارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*