سکر جي سيشن ڪورٽ نئون ديرو هائوس تان گرفتار ڪيل نديم ڀٽو کي پنجن ڏينهن جي راهداري رمانڊ تي نيب حوالي ڪري ڇڏيو

      سکر جي سيشن ڪورٽ نئون ديرو هائوس تان گرفتار ڪيل نديم ڀٽو کي پنجن ڏينهن جي راهداري رمانڊ تي نيب حوالي ڪري ڇڏيو.

گذريل ڏينهن نيب سکر جي ٽيم جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾نئون ديرو ۾ ڇاپو هڻي سپروائيزر طور ڪم ڪندڙ نديم ڀٽو کي گرفتار ڪيو هو.

نيب ذريعن موجب نديم ڀٽو تي جعلي اڪائونٽس ذريعي رقم وصول ڪرڻ جا الزام آهن.

ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته نديم ڀٽو وصول ڪيل رقم مان ڀٽو اسٽيٽ جي ملازمن کي پگهارون به ادا ڪندو رهيو آهي.

نيب طرفان جوابدار نديم ڀٽو کي اڄ سکر جي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتي جج جي موڪل هجڻ سبب کيس سيشن ڪورٽ نيو ويو.

سيش جج جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ گرفتار ڪيل نديم ڀٽو کي پنجن ڏينهن جي راهداري رمانڊ تي نيب حوالي ڪري ڇڏيو.

 ذريعن جو چوڻ آهي ته جوابدار کي اڄ ئي قومي ايئرلائن ذريعي اسلام آباد منتقل ڪرڻ جا امڪان آهن،…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*