لاهور جي احتساب عدالت آشيانا ريفرنس ۾ شهباز شريف جي حاضري کان ڇوٽ ڏيڻ واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو

لاهور جي احتساب عدالت آشيانا ريفرنس ۾ شهباز شريف جي حاضري کان ڇوٽ ڏيڻ واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

احتساب عدالت آشيانا هائوسنگ اسڪيم ريفرنس جي شنوائي ڪئي، جنهن دوران شهباز شريف جي حاضري کان ڇوٽ ڏيڻ واري درخواست داخل ڪئي وئي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته شهباز شريف پرڏيهه ۾ هجڻ سبب پيش ٿي نٿو سگهي،هن کي 8 مئي تائين حاضري کان ڇوٽ ڏني وڃي.

احتساب عدالت جي جج نجم الحسن معلوم ڪيو ته شهباز شريف ڪيئن ٻاهر هليو ويو،ڇا هن کي عدالت جي اجازت کانسواءِ پرڏيهه وڃڻ گهربو هو؟

عدالت ۾ شهباز شريف جي وڪيل  دليل ڏيندي چيو ته نيب جي چوڻ تي شهباز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ هو،عدالت شهباز شريف جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جو حڪم ڏنو هو.

احتساب عدالت جي جج  چيو ته شهباز شريف اجازت کانسواءِ ملڪ کان ٻاهر ڇو ويو؟

وڪيل امجد پرويز چيو ته شهباز شريف طبي معائني لاءِ پرڏيهه ويوآهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*