وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ شام جو وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ  وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ ٿي رهيو آهي

 وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ شام جو وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ  وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ ٿي رهيو آهي.

ڪابينا اجلاس ۾ 16 نقاطي ايجنڊا تي ويچاريو ويندو،حيرت جهڙي ڳالهه هي آهي ته تڪراري ايمنسٽي اسڪيم وارو اسم ايجنڊا مان  ئي خارج ڪيو ويو.

ناڻي بابت صلاحڪار حفيظ شيخ ملڪ جي معاشي صورتحال تي ڪابينا جي ميمبرن کي  بريفنگ ڏيندو.

بينڪنگ ڪورٽس جي ججن جي مقرري ڪابينا جي ايجنڊا ۾ شامل آهي،جڏهن ته واپاري ٺاهن جي به منظوري ڏني ويندي.

اجلاس ۾ سموري ملڪ ۾ هڪجهڙو تعليمي نظام لاڳو ڪرڻ تي ويچاريو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*