پاڪستان سميت پوري دنيا ۾ اڄ ذيابطيس جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي

پاڪستان سميت پوري دنيا ۾ اڄ ذيابطيس جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي، هڪ رپورٽ موجب دنيا ۾ 30 ڪروڙ 82 لاءِ ماڻهو ذيابطيس جي مرض ۾ مبتلا آهن.

پوري دنيا ۾ اڄ ذيابطيس جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي، عالمي ادارن پاران هن ڀيري ڏهاڙي جو ٿيم ‘‘ڊائبيٽڪ کان پنهنجو مسقبل بچايو’’ رکيو ويو آهي.

ماهر ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته روزانو پنڌ ڪرڻ ۽ کائڻ پيئڻ ۾ احتياط سان شگر جي بيماري کان بچي سگهجي ٿو، هڪ رپورٽ موجب دنيا ۾ 30 ڪروڙ مريضن ۾ اڪثر ‘‘ٽائيپ ٽو ڊائبيٽس’’ جي مرض ۾ مبتلا آهن، فاسٽ فوڊ جي استعمال ۽ ورزش نه ڪرڻ سبب اها بيماري ٿئي ٿي.

ڊائبيٽڪ ايسوسيئيشن پاران جاري ڪيل رپورٽ موجب، هن وقت پاڪستان ۾ شگر جي مريضن جو انگ 70 لکن کان وڌيڪ آهي، جنهن ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي.

رپورٽ موجب پاڪستان ۾ هر سال اٽڪل 80 هزار ماڻهو شگر جي مرض سبب فوت ٿين ٿا، جن ۾ عورتن جو وڏو تعداد شامل آهي.

ذيابطيس کان بچڻ لاءِ ماهر ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته صحتمند زندگي گذارڻ لاءِ روزانو گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڪلاڪ پنڌ ڪرڻ ۽ صحتمند غذا کائڻ ضروري آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*