نيب پي ٽي آئي اڳواڻ عليم خان جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ جي  سفارش ڪري ڇڏي

نيب پي ٽي آئي اڳواڻ عليم خان جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ جي  سفارش ڪري ڇڏي.

نيب پي ٽي آئي اڳواڻ عليم جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ لاءِ گهرو وزارت کي خط لکي ڇڏيو.

ذريعن مطابق نيب پاران خط نيب چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال جي منظوري بعد لکيو ويو آهي.

نيب خط ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته عليم خان جي خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن ۽ آف شور ڪمپنين جي جاچ هلي رهي آهي ۽ هو 30 اپريل تائين جوڊيشل ريمانڊ تي آهي.

نيب مطابق عليم خان کي پرڏيهه وڃڻ کان روڪڻ لاءِ ان جو نالو اي سي ايل ۾ وڌو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*