قومي اسيمبلي ۾ وفاقي وزير مراد سعيد جي تقرير تي مخالف ڌر شديد احتجاج ڪيو ۽  گو  بي بي گو جا نعرا هنيا

قومي اسيمبلي ۾ وفاقي وزير مراد سعيد جي تقرير تي مخالف ڌر شديد احتجاج ڪيو ۽  گو  بي بي گو جا نعرا هنيا.

مخالف ڌر جي ميمبرن قومي اسيمبلي جي ايجنڊا جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون ،جڏهن ته اپوزيشن جا ميمبر مراد سعيد جي تقرير دوران ڊيسڪون وڄائيندا رهيا.

اپوزيشن ميمبرن اسپيڪر ڊائس جي اڳيان ڏاڪڻين تي ويهي احتجاج ڪيو،جنهن سبب مراد سعيد کي تقرير ڪرڻ ۾ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو.

مراد سعيد مخالف ڌر تي سخت تنقيد  ڪندي چيو ته مخالف ڌر انڪري احتجاج ڪري رهي آهي ، ته انهن کي خبر آهي ته انهن کي آئينو ڏيکاريندس.

هن چيو ته مخالف ڌر وارا مودي سان ملاقاتون ڪري ذاتي لاڳاپا قائم ڪن ٿا.

ڊپٽي اسپيڪر  قاسم سوري ،مراد سعيد کي تقرير ختم ڪرڻ لاءِ چيو ته هن جواب ڏنو ته اڃان هن جي تقرير شروع ئي نه ٿي آهي.

هن چيو ته خواجا آصف پرڏيهه ۾ وڃي ڪري چئي ٿو ته پاڪستان ۾ بندش وڌل تنظيمون آهن،هن ماضي ۾ ڪلڀوشن کي دهشتگرد چوندي شرمايو ٿي.

هن چيو ته حسين حقاني اڄ به پاڪستان جي خلاف زهر اوڳاڇي رهيو آهي،هن بلاول تي تنقيد ڪندي چيو ته توهان حادثاتي طور پارٽي جا چيئرمين بڻجي ويا آهيو،بلاول کي يونيورسٽي جي في به واپس ڪرڻي پوندي.

ان کان اڳ اڳوڻي پرڏيهي وزير حنا رباني کر چيو ته اسان پنهنجي لاءِ پريشان ناهيون،ملڪ جو مزاق ٿيندي ڏسي پريشان آهيون.

هن چيو ته جيڪو چئي ٿو ته ملڪ کي درست ڪيو وڃي ته ان کي ملڪ دشمن چيو وڃي ٿو.

ان کان اڳ قومي اسيمبلي ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ بابت ڌيان ڇڪايو نوٽيس جي جواب ۾ وفاقي وزير عمر ايوب چيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ قيمتن ۾ واڌ باوجود 50 ارب رپين جي سبسڊي ڏني وئي.

هن چيو ته  2007 ۾ او جي ڊي سي ايل کي 100 کوهه کوٽڻا هئا،پر 10 سالن ۾ 30 سيڪڙو هدف پورو نه ٿيو.

عمر ايوب چيو ته حڪومت 10 هزار نين ڀرتين جي منظوري ڏني آهي جن مان 3 هزار ڀريون پيا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*