اڳوڻي وزير اعظم نوازشريف جي خلاف العزيزيا ريفرنس ۾ ڪيس بابت ڪجهه دستاويز غائب ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي

اڳوڻي وزير اعظم نوازشريف جي خلاف العزيزيا ريفرنس ۾ ڪيس بابت ڪجهه دستاويز غائب ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.

هي انڪشاف اڳوڻي وزير اعظم نوازشريف جي وڪيل خواجا حارث ، العزيزيا ۾ سزا جي خلاف اپيل جي شنوائي دوران ڪيو.

خواجا حارث اسلام آباد هائي ڪورٽ ۾ پيپربڪس ۾ ڪجهه دستاويز شامل نه هجڻ جي نشاندهي ڪري ڇڏي.

خواجا حارث چيو ته پيپر بڪس مان  ڪيترائي دستاويز غائب آهن،انهن کي درست ڪرڻ جي ضرورت آهي.

اسلام آباد هائي ڪورٽ ۾ نوازشريف جي العزيزيا ريفرنس ۾ سزا جي خلاف اپيل جي شنوائي ٻه رڪني بينچ ڪئي، ڊويزن بينچ  ۾ جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني شامل آهن.

عدالت نوازشريف کي اڄوڪي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست منظور ڪري ورتي.نواز شريف ۽ نيب  جي اپيلن تي شنوائي 9 مئي تائين ملتوي ڪئي وئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*