پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان پگهار وٺي ٿو ۽ گهوسٽ ملازم بڻيل آهي

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان پگهار وٺي ٿو ۽ گهوسٽ ملازم بڻيل آهي، احتجاج ڪرڻ مخالف ڌر جوڪم آهي، وزير اعظم کي ايوان ۾ اچي ڪري جواب ڏيڻ گهرجي.

اسلام آباد ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته قومي اسيمبلي جو هڪ اجلاس ايترومهانگو آهي، ته اميد آهي ته قائد ايوان هائوس ۾ موجود رهندو.

بلاول چيو ته انگريزي ۾ تقرير ڪريان ٿو ته حڪومتي ميمبر ڊيسڪون وڄائين ٿا،اردو ۾ تقرير ڪرڻ  تي انهن کان دانهون نڪرن ٿيون.

هن چيو ته حڪومت ڪابينا ۾ تڪراري ماڻهن کي شامل ڪيو ويو آهي،بندش وڌل تنظيمن سان رابطي  وارن وزيرن کي ڪابينا مان نيڪالي ڏني وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*