ڪراچي جِي ايس ايم لا ڪاليج ۾ پارڪنگ واري معاملي تان جهيڙي وارو معاملو وڌي ويو

ڪراچي جِي ايس ايم لا ڪاليج ۾ پارڪنگ واري معاملي تان جهيڙي وارو معاملو وڌي ويو، سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جَي ترجمان چيو آهي ته ايس ايم سائنس ڪاليج جي پرنسپل يونيورسٽي ۾ اسيمبلي وقت گاڏي جو ٽڪر هڻي ٽن ٻارن کي زخمي ڪيو، ايس ايم ڪاليج جي پرنسپال پروفيسر غزاله راشد  ايس ايم آءِ يو انتظاميه تي تشدد جو الزام هنيو آهي.

ڪراچي جِي ايس ايم لا ڪاليج ۾ پارڪنگ واري معاملي تان پرنسپال ۽ ٽيچر وچ ۾ ٿيل جهيڙو وڌي ويو آهي

سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جَي ترجمان الزام هنيو  آهي ته ايس ايم سائنس ڪاليج جي پرنسپل نشي ۾ ڌت هئي جنهن يونيورسٽي ۾ اسيمبلي وقت گاڏي جو ٽڪر هڻي ٽن ٻارن کي زخمي ڪيو.

ترجمان جو چوڻ آهي ته پرنسپال منع ڪرڻ تان هڪ ٽيچر کي چماٽون به هنيون، جنهن جي وڊيو پڻ جاري ڪئي وئي آهي.

ايس ايم سائنس ڪاليج جي پرنسپال غزالا الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته گاڏي پارڪ ڪرڻ دوران ايس ايم آءِ يو انتظاميه مٿس   تشدد  ڪيو آهي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*