پاڪستان نيوي پاران اتر عربي سمنڊ ۾ ميزائيل فائرنگ جو ڪامياب تجربو

پاڪستان نيوي پاران اتر عربي سمنڊ ۾ ميزائيل فائرنگ جو ڪامياب تجربو ڪيو ويو آهي، ميزائيل سمنڊ کان سمنڊ ۽ سمنڊ کان زمين تائين حدف کي نشانو بڻائڻ جي صلاحيت رکي ٿو.

پاڪستان نيوي پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب پاڪستان نيوي پاران اتر عربي سمنڊ ۾ ميزائل فائرنگ جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي، پاڪستان نيوي جي فاسٽ اٽيڪ ڪرافٽ سمنڊ جي سطح کان زمين تي ڪاميابي سان ميزائيل فائر ڪيو.

ترجمان موجب مقامي سطح تي تيار ڪيل ميزائيل پنهنجي حدف کي ڪاميابي سان نشانو بڻايو، ڪامياب ميزائيل تجربو پاڪستان جي جديد اسلحي سازي ۽ آپريشنل صلاحيت جو عملي ثبوت آهي.

پاڪ نيوي جي ترجمان موجب ميزائيل سمنڊ کان سمنڊ ۽ سمنڊ کان زمين تائين حدف کي نشانو بڻائڻ جي صلاحيت رکي ٿو.

پاڪ نيوي جي ترجمان موجب وائس چيف آف نيول اسٽاف پاڪستان نيوي فليٽ جي آپريشنل تيارين تي اطمينان جو اظهار ڪيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*