سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ريحانه لغاري جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ پري بجيٽ تي بحث شروع ٿيو

سنڌ اسيمبلي ۾ پي پي قيادت کي ڊفيڪٽو سڏڻ تي پي پي ميمبرز ۽ فردوس شميم نقوي کي پوائنٽ آف آرڊر تي ڳالهائڻ جي اجازت نه ملڻ تي پي ٽي آءِ ميمبرز گوڙ ڪيو.

سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ريحانه لغاري جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ پري بجيٽ تي بحث شروع ٿيو.

اجلاس دوران اسپيڪر پاران فردوس شميم نقوي کي پوائنٽ آف آرڊر تي ڳالهائڻ جي اجازت نه ڏيڻ تي پي ٽي آءِ جي ميمبرز احتجاج ڪندي گوڙ ڪيو.

خرم شير زمان چيو ته اسپتالن ۾ ٻار مري رهيا آهن پر صحت واري وزير غائب آهي، سندس گمشدگي جا اشتهار ڇپرايا ويندا.

پري بجيٽ تي بحث دوران جاويد حنيف آگاهي ڏني ته بجيٽ ۾ 619 هزار ملين رپين جي خرچن مان سي ايم هائوس لاءِ هڪ هزار ملين رپيا ۽ گورنر هائوس لاءِ هڪ هزار ملين رپين کان به وڌيڪ رکيا ويا آهن، جڏهن ته پوليس لاءِ 75 ملين رپيا رکيا ويا آهن.

جاويد حنيف چيو ته ھڪ سئو 9 ارب رپين جي ترقياتي اسڪيمن مان ڪٽوتي ڪئي وئي، جڏهن ته سال 2017 ۽ 18 دوران 8 کاتن ۾ ٻڙي، 16 کاتن ۾ 50 سيڪڙو ۽ 15 کاتن ۾ 75 سيڪڙو کان وڌيڪ بجيٽ خرچ ڪيا ويا، جڏهن ته آبپاشي، انرجي ۽ ورڪس اينڊ سروسز کاتن ۾ سڀ  کان وڌيڪ خرچ ڪيو ويو.

پي ٽي آءِ جي راجه اظھر پاران پ پ قيادت کي ڊفيڪٽو سڏڻ تي سرڪاري ڌر جي ميمبرز احتجاج ڪيو، جنهن کانپوءِ پي ٽي آءِ جي فردوس شميم نقوي معذرت ڪندي چيو ته جيڪڏهن سنڌ اسيمبلي ۾ ضابطي جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي ته پوءِ ملڪ جي ٻين ايوانن ۾ به پي پي قيادت ضابطن جو خيال رکي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*